25 سومر , جون 2018

نيوز | ڪوٽڏيجي ۾ گمبٽ واسي نوجوان گهر واري جي اغوا خلاف احتجاج ڪيو

ڪوٽڏيجي ۾ گمبٽ واسي نوجوان پنهنجي گهر واري جي اغوا خلاف احتجاج ڪيو.

نوجوان ارشاد رند پنهنجي پيءُ سان گڏجي بااثر سالن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن نوجوان جو چوڻ هو ته هن هڪ مهينو اڳ ملتان واسي تهران چنگڙ سان بهاولپور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد سندس سالا جان جا دشمن بڻجي ويا هئا.

هن چيو ته سالن جي ڌمڪين سبب هو بهاولپور کان گمبٽ اچي رهيا هئا، جن کي هٿياربند سالن يرغمال بڻائي تهران چنگڙ کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.

هن چيو ته زال جي بازيابي لاءِ پوليس کي دانهن آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هن چيو ته کين خدشو آهي ته بااثر سالن سندس زال کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙ نوجوان اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر ساهرن خلاف ڪارروائي ڪري گهر واري کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

naudero: crude shepherds killed by the armed

نيوز: نئون ديرو: ڪچي ۾ هٿياربندن هٿان ڌنار قتل

نئون ديرو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے