16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ٽرمپ جي اعلان مسلمانن جو مستقبل جنگ ڏانهن ڌڪيو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ترمپ طرفان والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي راڄڌانو تسليم ڪرڻ ۽ تل ابيب کان پنهنجو سفارتخانو منتقل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي ۽ ان آمريڪي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا گذريل 15 16 سالن کان اسلام ۾ جنگ چيڙڻ واري رستي ڪامزن آهي، ان اعلان زخم اڃان به گهرا ڪري ڇڏيا آهن ۽ مسلمانن جو مستقبل جنگ ڏانهن ڌڪيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا خطي ۾ امن نٿو چاهي ڇو ته اهو اعلان وچ اوڀر ۾ امن جون ڪوششون تار تار ڪرڻ جو سبب بڻجي چڪو آهي. سڄي قوم ڪنهن فرق کان سواءِ سڀاڻي سڄي ملڪ فلسطينين سان ٻڌي جو ثبوت ۽ وحدت جو مظاهرو ڪندي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے