16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

آمريڪي صدر نئون تڪراري اعلان ڪري ڏڦيڙ جو نئون ٻج پوکيو آهي: عبدالقادر بلوچ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏئي ڏڦيڙ جو هڪ نئون ٻج پوکيو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر جي فيصلي خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج ڪيا پيا وڃن، ٽرمپ جڏهن کان آمريڪا جو صدر بڻيو آهي هو مرضي سان فيصلي ڪري رهيو آهي، ان فيصلي جو رد عمل ان لاءِ بهتر ثابت نه ٿيندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو فورم استعمال ڪيو ويندو، سندس چوڻ هو ته بيت المقدس مسلمانن جو پهريون قبلو آهي ان سان اسرائيل جو ڪو به تعلق ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے