19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | لکي غلام شاهه ۾ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نينگر علاج نه ٿيڻ سبب فوت

لکي غلام شاهه ۾ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نينگر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو.

نينگر جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي هڪ مهينو اڳ پريل شاهه جي پاليل ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو هو، جنهن جو علاج نه ٿيڻ سبب هو فوت ٿيو آهي.

فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر کي هڪ مهينو اڳ پوليس ٿاڻي ڀرسان ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو هو، نينگر کي ويڪسين نه ٿيڻ سبب هو فوت ٿيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي نينگر  جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڪتي جي مالڪ پريل شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو………………………

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے