16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ماڊل ٽائون سانحي تي انصاف لاءِ طاهر القادري جو ساٿ ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته هو طاهر القادري کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياري ٿو ۽ جيڪڏهن ماڊل ٽائون سانحي تي انصاف لاءِ روڊن تي نڪتا ته اسان سندن ساٿ ڏينداسين. اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڀني کي ماڊل ٽائون رپورٽ ڏسڻ گهرجي، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله فوري طور استعيفيٰ ڏين، راڻا ثناءُ الله گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ شهباز شريف جو ڪوڙ پڪڙيو ويو، ڪيس شهباز شريف ۽ عابد شير علي تي هلڻ گهرجي، طاهر القادري کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايان ٿو. طاهر القادري جيڪڏهن ماڊل ٽائون سانحي تي انصاف لاءِ روڊن تي نڪتو ته سندس ساٿ ڏينداسين.  سندس چوڻ هو ته صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ پرامن احتجاج ڪيو پوءِ به اسان تي الزام لڳايا ويا، آمر جي هنج ۾ پلجندڙ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، عمران خان نواز شريف سان هٿ ملائڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته آئون ڏوهارين ۽ قوم جي دشمنن سان هٿ ناهيان ملائيندو. والاريل بيت المقدس جي حوالي سان آمريڪي قدمن جي سخت مذمت ڪندي هن چيو ته فلسطيني مسلمانن تي ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي، ٽرمپ جهڙا ماڻهو مسلمانن کي انسان ئي نٿا سمجهن ۽ ان بابت اسان جي ڪٺ پتلي وزير اعظم کي طيب اردگان جهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے