19 خميس , جولاءِ 2018

مدرسن خلاف ناهيان، ترڪ صدر به مدرسن مان پڙهيو ۽ صدر ٿيو: آرمي چيف

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته آئون مدرسن جي خلاف ناهيان، پر اسان سندس اصل روح کي وڃائي ڇڏيو، طيب اردگان به مدرسي مان پرهيو هو پر اڄ هو ترڪي جو صدر آهي، اسان کي مدرسن ۾ جديد تعليم ڏيڻ جي به ضرورت آهي. ڪوئيٽا ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته 4 مسئلن جي ڪري پاڪستان ۽ خاص طور تي بلوچستان پوئتي رهجي ويو جنهن مان پهريون سبب تعليم آهي جيڪا ڪنهن به مقد جي ترقي جي بنياد هوندي آهي. آئون مدرسن جي خلاف ناهيان، پر اسان سندس روح کي وڃائي ڇڏيو آهي. مدرسن بابت تاثر بڻجي ويو آهي ته اهو رڳو هڪ فرقي جي تعليم کي ڏيندا آهن. هڪ فرقي جي تعليم حاصل ڪندڙ مدرسن جا شاگرد ڇا بڻجندا؟ آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ جمهوري ماڻهو آهيان ۽ منهنجو پڪو يقين آهي ته پاڪستان مضبوط جمهوري عمل سان ڪامياب ٿيندو. بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي سالميت جي علام آهي، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اليڪشن ڪميشن عمران خان کي مخالفن بابت گٿا لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي سياسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے