21 ہفتہ , اپریل 2018

نيوز | وڳڻ ۾ شهرين بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

وڳڻ ۾ قمبر ضلعو سينگاريو جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن لالا واجد گوپانگ ، آصف جويو، ڪامران پنهور ، ساجد بلوچ معشوق مغيري عزيز پنهور ۽ ٻين ريلي ڪڍي

مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪقرڊ کڻي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندا شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪندا پريس ڪلب جي اڳيان پهتا.

مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وڳڻ شھر جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي جيڪو تبديل نٿو ڪرايو وڃي، جنهن کي فوري طور تبديل ڪرائي ڏنو وڃي. قمبر ضلعي جي ايئر پورٽ جي زمين تي بااثرن قبضا ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي فوري طور بااثرن کان قبضا ختم ڪرائي ايئرپورٽ ٺھرائي ڏنو وڃي.

هنن چيو ته جيسيتائين مسئلا حل نٿا ڪرايا وڃن تيسيتائين سڄي ضلعي اندر احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريڪنگ نيوز: نوشھرو فيروز: باءِ پاس  تي وين ڪلٽي،  هڪ ٻارڙي فوت، 12 ڄڻا زخمي

*نوشھرو فيروز: باءِ پاس  تي وين ڪلٽي،  هڪ ٻارڙي فوت، 12 ڄڻا زخمي زخمي ڳڻتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے