19 اربع , سيپٽمبر 2018

آمرن ملڪ خراب ڪري چيو ته سياسي حڪومتون درست ڪيو: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ 70 ورهين جي تاريخ دوران سازشن مان ناهي نڪري سگهيو ۽ سول حڪومتن کي هلڻ ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته آمرن ملڪ خراب ڪري چيو ته سياسي حڪومتون درست ڪيو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته انساني حياتيءَ ۾ ٽيڪنالاجي جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي، نين ايجادن صنعتي دور جو بنياد رکيو، 20هين صدي ۾ ايندڙ ٽيڪنالاجي هڪ انقلاب آندو. هن چيو ته اسان اڄ لوڊشيڊنگ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون، 4 ورهين ۾ 10 هزار ميگا واٽ اضافي بجلي پيدا ڪئي آهي، ٽيڪسٽائل ۽ فرٽيلائزر صنعتون ٻيهر هلي پيون آهن، اسان ناممڪن کي ممڪن بڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا ترقي ڪري رهي آهي ۽ اسان هڪٻئي جون ڄنگهون ڪڍڻ جي پويان آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ريفرنسز  جي منتقلي جو معاملو: نيب سپريم ڪورٽ کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے