20 ہفتہ , جنوری 2018

پي ٽي آءِ بيت المقدس کي راڄڌانو تسليم ڪرڻ خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف طرفان والاريل بيت المقدس کي راڄڌانو تسليم ڪرڻ خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو ويو، ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمود الرشيد جمع ڪرايو. پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي مذمت ڪندي ان کي چڙ ڏياريندڙ قرار ڏنو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي قدم وچ اوڀر جي امن خلاف گهري سازش آهي، صدر ٽرمپ جي اعلان اسلامي دنيا کي هڪ گهرو زخم ڏنو. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت مسلم امت سان گڏجي عالمي برادري جي سامهون احتجاج ڪري ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن ۽ آءِ سي ۾ ڀرپور انداز ۾ اٿاريو وڃي ۽ آمريڪي کي فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف قصور جي نينگري زينب جا قاتل هڪ هفتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے