16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

قومي اسيمبلي جمهوري عمل کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهي: اياز صادق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ووٽرز ڊي جي موقعي تي سڀني رجسٽرڊ پاڪستاني ووٽرن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ڏينهن ملهائڻ جو مقصد چونڊ عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ لاءِ شعور پيدا ڪرڻ آهي. پنهنجي بيان ۾ اياز صادق وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي جمهوري عمل کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ملڪ ۾ مجموعي طور 97 ملين رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي حق جو استعمال ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته چونڊ عمل ۾ عورتن جو ڪردار اهم آهي، اهي پنهنجي حقن جو تحفظ ڪري سگهنديون. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ 44 سيڪڙو ووٽرن جي عمر 35 سالن تائين آهي، نوجوان ووٽر چونڊ عمل ۾ هاڪاري اثر آڻي سگهن ٿا، چونڊ سڌارن جو مسودو قومي اسيمبلي مان گڏيل طور منظور ڪرايو ويو آهي، وفاق توڙي صوبائي سطح تي ماڻهن کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

دشمنن کي مڪمل شڪست ڏيڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دشمنن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے