16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

راڻيپور ڀرسان گڏيجي ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان هڪ شاندار تقريب ٿي گذري

راڻيپور ڀرسان گڏيجي ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان هڪ شاندار تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ شاگردن قومي گيتن تي رقص ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا.

سنڌي ثقافت جي حوالي سان گڏيجي جي مين پرائمري اسڪل ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي شروعات قرآن شريف جي تلاوت سان ڪئي وئي.

ان موقعي تي شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ راڳين قومي گيتن تي گيت پيش ڪري ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ  سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين رھي آھي جنهن ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو تنبورو ، سچل جي سوغات ، قلندر لعل شھباز جي پرواز ، موھن جو دڙو ۽ انجي جي ھزار سال تھذيب آھي.

هنن چيو تھ سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آھي سنڌ جي ثقافت ۽ ٻڌي جو ڏينهن ملهائڻ سان دنيا جي ٻين ملڪن کي خبر پوندي ته سنڌ شاهوڪار تهذيب رکندڙ وطن آهي.

  ثقافتي ڏينهن اسان جي ثقافتي عيد جو ڏينهن آهي ان ڏينهن کي ملهائي اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته سنڌ هڪ شاهوڪار وطن آهي جنهن ۾ تاريخي ماڳ، اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو ۽ سنڌي سهرا به اسان جي ثقافت آهن…

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ پيپلز پارٽي جو اجلاس

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرمين بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے