16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

خيبر ايجنسي ۾ آپريشن، وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن رد الفساد جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج خيبر ايجنسيءَ جي علائقي بستي شيخان ۾ سرچ آپريشن ڪندي 4 غار، 3 ڪمپائونڊ ۽ ڌماڪيدار مواد تيار ڪندڙ فيڪٽري هٿ ڪري ورتي. ترجمان موجب دهشتگردن طرفان لڪايڪ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دستي بم ۽ بارودي سرنگهه هٿ ڪيون ويون آهن. ترجمان موجب بارودي سرنگهون ٺاهڻ لاءِ مختلف قسمن جو لڪايل بارود به هٿ ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دشمنن کي مڪمل شڪست ڏيڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دشمنن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے