16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ چوڻ خطرناڪ هوندو: محمد صادق

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي دوري تي پهتل لنڊن جي ميئر صادق خان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا چوي ٿو ته بيت المقدس اسرائيل جو گادي وارو هنڌ آهي ته اهو تمام گهڻو خطرناڪ هوندو. هڪ انٽرويو ۾ صادق خان چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خطاب تي کين خدشا آهن، والاريل بيت المقدس اسرائيل ۽ فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري ڳالهين جي عمل جو حصو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا چوي ٿو ته بيت المقدس اسرائيل جو گادي وارو هنڌ آهي ته تمام گهڻو خطرناڪ آهي، جڏهن ته فرانسيسي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم سميت ٻين عالمي اڳواڻن آمريڪي اعلان جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ عالمي سياست نه ٿو سمجهي، اسان کي متحد ٿي ٽرمپ کي پيغام ڏيڻو آهي ته هو غلطي ڪري رهيو آهي ۽ اسان کي ايئن ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٻڌو آهي ته فيبروري ۾ ٽرمپ برطانيا جو دورو ڪندو پر اهو سرڪاري دورو نه هوندو، ڏسبو ته ڇا ٿئي ٿو، لنڊن ۾ ٽرمپ جا فينز نه آهن آيو ته کيس ڪيترن ئي مظاهرن جو منهن ڏسڻو پوندو. محمد صادق چيو ته اسلام ۽ مسلمانن بابت ٽرمپ جا خيال سٺا نه آهن، هن چيو هو ته سموري دنيا ۾ مسلمانن جي داخلا بند ڪئي ويندي، سندس مشورو آهي ته اسلام ۽ مسلمانن لاءِ ٽرمپ کي پنهنجا خيال تبديل ڪرڻا پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دشمنن کي مڪمل شڪست ڏيڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دشمنن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے