21 اڱارو , آگسٽ 2018

ڪلثوم نواز قسم کڻڻ کانسواءِ به قومي اسيمبلي ميمبر آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اين اي 120 تان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز بيماري سبب قسم نه کنيو اها پوءِ به قومي اسيمبلي جي ميمبر رهندي. تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو هو جنهن ۾ اعتراض ڪيو ويو هو ته بيگم ڪلثوم نواز قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 120 تان ڪاميابي حاصل ڪئي پر قسم نه کنيو آهي تنهن ڪري سندس ميمبر شپ معطل ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪلثوم نواز قسم نه کڻڻ باوجود قومي اسيمبلي جي ميمبر رهي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 65 تحت ايوان ۾ ويهڻ يا ووٽ ڏيڻ لاءِ قسم ضروري هوندو آهي تنهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ٿيڻ بعد قسم کڻڻ بابت آئين ۽ قانون ۾ ڪابه ڊيڊ لائين ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Corps Commander Conference, headed by Army Chief General Qamar Javed Bajwa, with the help of the election process,

دشمن طاقتن طرفان پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حج جي سعادت حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے