21 اڱارو , آگسٽ 2018

طاهر القادري سان ملاقات نئين ناهي، ساڻس پهريون به رابطا رهيا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته طاهر القادري سان ملاقات نئين ناهي، پهريون به رابطا رهيا آهن، اسان 2002ع ۾ پرويز مشرف خلاف گڏ هليا آهيون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پ پ جو وفد طاهر القادري سان ملاقات ڪندو، آصف زرداري کي عوامي تحريڪ جي سربراهه دعوت ڏني آهي. هن چيو ته پ پ روڊن ۽ ڏڦيڙ جي سياست کان پري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي فيصلي سان اسلامي دنيا ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿيو آهي، آمريڪا دنيا ۾ وڏو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. خورشيد شاهه چيو ته  10، 20 سال کان مسلم دنيا جي پاڻ ۾ ڏڦيڙ سان يهودين کي موقعو مليو،  او آءِ سي جي گڏجاڻي طلب ڪئي وئي جيڪا بامقصد هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي درست نموني هڪ پليٽ فارم تي اچڻ گهرجي، هڪ دفعو ٻيهر ذوالفقار ڀٽو جهڙو ڪردار گهربل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Corps Commander Conference, headed by Army Chief General Qamar Javed Bajwa, with the help of the election process,

دشمن طاقتن طرفان پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حج جي سعادت حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے