21 اتوار , جنوری 2018

نيب ريفرنسز: خانگي بئنڪ جي مئنيجر جي دستاويزن تي نواز شريف جو اعتراض رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ خانگي بئنڪ جي مئنيجر طرفان دستاويز جمع ڪرائڻ تي نواز شريف جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف ٽن ريفرنسز جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران خانگي بئنڪ جي مئنيجر نورين شهزاد دستاويز جمع ڪرايا جنهن کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. خانگي بئنڪ جي مئنيجر  طرفان دستاويزن تي نواز شريف جي وڪيل عائشه احد اعتراض داخل ڪيا جنهن کي عدالت خارج ڪري ڇڏيو. عائشه احد اعتراض ڪيو ته نورين شهزاد شاهدن ۾ شامل نه آهي تنهن ڪري سندس دستاويزن کي رڪارڊ تي نه ٿو آڻي سگهجي. نيب جي پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته نورين شهزاد شاهد ناهي اصل شهزاد ملڪ طيب ئي آهي ۽ هو اڄ به پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندو. نواز شريف جا اعتراض رد ٿيڻ کانپوءِ فريادي ڌر جي شاهدن ملڪ طيب بيان قلمبند ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. نيب طرفان ايون فيلڊ اپارٽمينٽس  ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس ٻارڙن حسن، حسين، نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي جوابدار قرار ڏنو آهي. العزيزيه اسٽيل ملز جدي ۽ 15 آف شور ڪمپنين بابت فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس ۾ نواز ۽ سندس ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انگلش ٽيم آسٽريليا کي ٽين ون ڊي ميچ ۾ به شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

سڊني (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ٽين ون ڊي ميچ ۾ به آسٽريليا کي 16 رنسن تان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے