16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڪراچي ۾ پاڻي جي چوري برداشت نه ڪئي ويندي: چيف جسٽس

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار ڪراچيءِ ۾ غير قانوني هائيڊرينٽس بابت سموريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، سندس چوڻ آهي ته پاڻي چوري ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪراچيءَ ۾ غير قانوني هائيڊرينٽس بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس 24 هائيڊرينٽس مالڪن جون اپيلون رد ڪندي چيو ته هائيڊ رينٽس مالڪ وڃن ۽ واٽر بورڊ خلاف ازالي جو ڪيس ڪن. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچيءَ ۾ غير قانوني هائيڊرينٽس ۽ پاڻي جي چوري برداشت نه ڪئي ويندي، کوهه کوٽڻ نه ڏينداسين، سموريون هائيڊرينٽس بند رهنديون. ايم ڊي واٽر بورڊ جي جواب تي چيف جسٽس چيو ته ايم ڊي صاحب حلف نامو جمع ڪرايو ته ڪابه نئين هائيڊ رينٽس نه ٺهندي، هي عام مفاد وارو معاملو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام کي انصاف نه پيو ملي، سڌارن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪوڙين صحيحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے