16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

سنڌ جي صورتحال تي افسوس آهي، ڇا وڏو وزير عوام کي ملندڙ پاڻي پاڻ پيئندو؟ چيف جسٽس:ڪجهه عدالتي فيصلا ڪم متاثر پيا ڪن، رڳو سنڌ کي نشانو پيا بڻايو: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽ: ماريا اسماعيل )سپريم ڪورٽ سامونڊي گدلاڻ ڪيس ۾ سنڌ سرڪار کان لکت ۾ مڪمل رٿا گهري ورتي آهي .جڏهن ته صاف پاڻي ڏيڻ ۽ سيوريج جي ٽريٽمنٽ جي حوالي سان 15ڏينهن ۾پلان جمع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. محمود آباد ٽريٽمنٽ پلانٽ جي زمين رهائش جي لاءِ استعمال ڪرڻ تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کان مڪمل رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي قانون تحت زمين الاٽ ڪئي وئي آهي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي  ته سنڌ جي صورتحال تي افسوس آهي ۽ اسان ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجادعلي شاهه تي ٻڌل  ٽي رڪني بينچ سنڌ  ۾ پيئڻ جوصاف پاڻي نه ڏيڻ  ۽ پاڻي جي نيڪالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ، صحت جو سيڪريٽري،ماحوليات کاتي جو سيڪريٽري، آبپاشي جو سيڪريٽري، صنعت کاتي جو سيڪريٽري، مڪاني کاتي جو سيڪريٽري ،گهرو کاتي جي سيڪريٽري ، ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال،ايم ڊي واٽر بورڊ، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، وفاقي پلاننگ ڪميشن سيڪريٽري، انيس قائم خاني، رضا هارون ۽ ڊاڪٽر صغير سميت ٻيا پيش ٿيا. عدالت جي ڪمري ۾ خراب پاڻي بابت درخواستگذار شهاب اوستو طرفان پيش ڪيل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. دستاويزي فلم ڏسڻ وقت وڏي وزير چيو ته آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، معزز عدالت مون کي ڪجهه چوڻ جي اجازت ڏئي جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته توهان کي موقعو به ڏينداسين ۽ ٻڌنداسين به. دستاويزي فلم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ چيف جسٽس  آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته سي ايم صاحب دستاويزي فلم ڏسي احساس ٿيندو آهي، ڇا توهان کي ناهي ٿيندو؟ چيف جسٽس چيو ته هن زمين تي سڀ کان وڏي نعمت ئي پاڻي آهي ۽ شاهه صاحب اسان ماڻهن کي صاف پاڻي به ناهيون ڏئي رهيا، ان ڪيس کي مخالفاڻو نه ورتو وڃي، اسان وڏي عزت ۽ احترام سان توهان کي گهرايو آهي.چيف  جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جتي چئو اتي وڃي ان پاڻي جي هڪ هڪ بوتل پيئون ٿا، جيڪڏهن توهان چئو ته اسان به مٺي وڃي ندي مان هڪ گلاس پاڻي پيئون. ڇا اوهان تيار آهيو؟ چيف جسٽس وڏي وزير کان پڇاڻو ڪيو ته اسان ۽ توهان گڏجي مسئلي جي حل لاءِ ڳولا ڪيون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جي مدد جي ضرورت آهي ته اسان کان مدد وٺو. چيف جسٽس آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجن ٻارن جيان آهي ۽ هو ڏسي ته لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پي رهيا آهن، خواهش هئي ته بلاول به هتي هجي ها ۽ صورتحال ڏسي ته ان کي به خبر پوي ها ته لاڙڪاڻي جي ڪهڙي صورتحال آهي. ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب چيو ته توهان کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام چونڊيو آهي، انتظاميا جي ناڪامي کان پوءِ ماڻهو عدالتن ڏانهن منهن ڪندا آهن، پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ڪو به معاملو عدالت تائين نه آيو. جسٽس فيصل عرب وڌيڪ چيو ته عدالت کي انتظاميا جي اختيارن کي استعمال ڪرڻ ڪو به شوق نه آهي . عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي موجود سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪا ويڊيو عدالت ۾ ڏيکاري وئي آهي اها درخواستگذار جي بڻايل آهي،  صورتحال ايتري سنگين ناهي، موقعو مليو ته جلد سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ويڊيو پيش ڪندس. جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان  چيو ته شاهه صاحب توهان ان ويڊيو کي ڇڏيو پر ڪميشن جي رپورٽ به ڏسي وٺو ۽ ان جي سنگيني جو جائزو وٺو، ڪميشن جي رپورٽ مسئلي جي حل تائين پهچڻ جو ذريعو آهي ۽ رپورٽ ۾ جيڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي ان کان مدد وٺو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان  ريمارڪس ڏنا ته جيڪا ويڊيو ڪورٽ ۾ ڏيکاري وئي آهي ميڊيا جا نمائندا پنهنجن پنهنجن چينلن تي ڏيکارين ته جيئن عوام کي خبر پئي، سپريم ڪورٽ پنهنجا ڪلها توهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر شاهه صاحب توهان کي به ڪم مڪمل ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻي پوندي، توهان هن قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيو، علم، ليڊر شپ ۽ قانون تي عمل ڪندڙ قومون ئي ڪامياب ٿينديون آهن. ماضي ۾ جيڪو اسان ٻئي مرحلي ۾ ذميوارن جي ڳولا به ڪنداسين، پيئڻ جو صاف پاڻي صوبائي معاملو آهي، توهان ئي حل ڪندا، شاهه صاحب ٻڌي ڇڏيو ته هاڻ اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن خراب پاڻي کان ڇوٽڪارو نه ڏياريو ويو ته پنهنجن ٻارن کي ڪهڙو مستقبل ڏينداسين، جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته 6 مهينن ۾ اهو ڪم مڪمل نٿو ٿي سگهي. چيف جسٽس آف پاڪستان  ريمارڪس ڏنا ته توهان وقت گهرندا ته اسان وقت ڏينداسين، توهان جو به ڪي ذميواريون آهن، ڇا اسان کي ناهي ته مائٽن مٽن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن، پر اسان انهن چڪرن ۾ ناهيون پوندا، مراد علي شاهه چيو ته چونڊجڻ کان پوءِ طئي ڪيو ته ڪجهه مثال قائم ڪندس، قطار سڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، يقين ٿو ڏياريان ته توهان کي ڪم نظر ايندو پر عدالت کان وقت ڏيڻ جي اپيل آهي.  چيف جسٽس آف پاڪستان  وڏي وزير کي چيو ته اهو طئي آهي ته مسئلو حل ٿيڻو آهي، اسان نٿا چاهيون ته اختيار هجن ته حڪومت تي چڙهائي ڪيون، عدالت پاڻ خال ڀريندي، بد ديانتي جو ثبوت نه توهان جيڪو چوندا ان کي سچ قبول ڪنداسين. سنڌ ۾ ڪير ڪير ذميوارين تي رهيو اهو اڃان ناهي ڏٺو، پر جيڪي به ذميوار رهيا، انهن کي ڇڏبو نه. عدالت کي لکت ۾ ڏيو ته اهي مسئلا ڪڏهن ۽ ڪيئن حل ٿيندا. وڏي وزير چيو ته اسان حڪمت عملي طريقي، مالياتي وسيلن بابت عدالت کي ٽائم فريم ڏينداسين.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته سال ۾ سنڌو درياهه مان ڪيترو پاڻي سمنڊ ۾ ويندو آهي. توهان ان پاڻي کي ڪراچي عوام لاءِ استعمال نٿا ڪري سگهي. وڏي وزير جواب ڏنو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي .چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري بدين ۽ ٺٽو تباهه ٿي رهيا آهن. درياهه جو پاڻي گهٽ هجڻ ڪري سمنڊ وڌي رهيو آهي، جڏهن ته سمنڊ کي روڪڻ جي لاءِ پاڻي جي ضرورت آهي هو اسان وٽ نه آهي. جيڪو ڪم ايگزيڪيوٽو جو آهي ان کي ڪرڻ ڏنو وڃي. عدالتن جا ڪجهه فيصلا انتظاميا جي ڪم کي متاثر ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته توهان اعتراف ڪري رهيا آهيون ته پوءِ ذميواري ڪنهن جي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان وڌيڪ چيو ته ڪهڙي شرمساري جي ڳالهه آهي  غير ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته شاهه صاحب توهان ان معاملي جي خلاف ايڪشن ڪيو .وڏي وزير چيو ته واٽر ٽرٽمينٽ پلانٽس جي حوالي سان ميڊيا غلط خبرون هلائي رهي آهي. وڌيڪ ٽريٽمنٽ پلانٽس فعال آهن .ٿرپارڪر جي سمورن سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي .جسٽس فيصل عرب رمارڪس ۾ چيو ته توهان پنهنجي ڪاميابي جو پريس ڪانفرنس ۾ بيان ڏنو اسان کي ٻڌايو وڃي عوام کي صاف پاڻي ڇو نه ملي رهيو آهي ،چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته شاهه صاحب توهان عدالت ۾ گهرن جو مقصد سنگيني جو اندازو ڪرڻ آهي. توهان کان اسان لکت بيان وٺڻداسين. جيڪڏهن لکت ۾ اسان کي جواب ڏيڻ تي عمل نه ٿيو ته ان جا نتيجا ڇا هوندا، هو توهان پنهنجي قانوني ٽيم کان پڇو .چيف جسٽس وڏي وزير کان پچاڻو ڪيو ته توهان پنهنجي گهر ۾ رهندا آهيو يا سي ايم هائوس ۾ .وڏي وزير جواب ڏنو ته مان ڪنٽونمنٽ ايريا۾ رهندو آهيان ۽ پاڻي ٽينڪر کان گهريندو آهيان .چيف جسٽس چيو ته ٽينڪر ڪيترن رپين جو هوندو آهي .عدالت ۾ موجو د سمورن ماڻهن چيو ته 5 کان 8 هزار جو واٽر ٽينڪر ملندو آهي .چيف جسٽس چيو ته ماشاالله 18 وين ترميم کان پوءِ پاڻي معاملو، صحت ۽ تعليم سڀ صوبي کي منتقل ٿي ويا آهن .شاهه صاحب ڪراچي عوام جي ٽينڪرن مان جان ڇڏيو. جيڪو پاڻي 120 رپيا ۾ خريدڪيو ويندو آهي، هو منرل واٽر آهي. وڏي وزير چيو ته 73 سيڪڙوشيخوپوره۽ توهان جي شهر لاهور ۾ 100سيڪڙو آرسينڪ (سينکيو) آهي .هن چيو ته سرگودها ۾ 88سيڪڙو، ڪوئيٽا ۾ 60 سيڪڙو پاڻي گندو ملندو آهي نوٽيس صرف سنڌ لاءِ ڇو، چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسان کي لڳي رهيو آهي ته توهان اسان کي سنگل آئوٽ ڪري رهيا آيو. متڀيد جي شڪايت انهن صوبن کي ڪرڻ گهرجي پر اسان توهان جي رهمنائي ڪري رهيا آهيون اسان کي هي سلسلو شروع ڪرڻو هو پر اتفاق آهي ته شروع سنڌ مان ٿيو آهي .واٽر ٽينڪر مان اسين به متاثر آهيون. وڏي وزير چيو ته مان ايگزيڪٽو جي حيثيت بابت فرض ادا ڪيان پيو. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته هي معاملاآئين جي تحت بنيادي حقن ۾ انداآهن .عدالت کي اختيار آهي ته ايگزيڪيٽو ڪم درست نه ڪري ته عدالت مداخلت ڪري سگهي ٿي .چيف جسٽس چيو ته 1973ع جو آئين شهيد ذوالفقار ڀٽي جو وڏو ڪارنامو هو .ان آئين جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي .اسان ان آئين جي تحت حلف کنيو آهي .چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته وزير اعظم يا وڏو وزير هجي آئين جي خلاف ڪم ڪرڻ نه ڏينداسين .اسان احسان نه ڪري رهيا آهيون پر هي اسان جي ذميواري آهي .عدالت مصطفيٰ ڪمال کان محمود آباد ٽريمنٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. مصطفيٰ ڪمال عدالت کان استدعا ڪيو ته اسان کي ڪميشن جي رپورٽ ڏني وڃي. عدالت ڪميشن رپورٽ ۽ عدالتي فيصلو مصطفيٰ ڪمال کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اڳوڻي ڪراچي جي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال عدالت  کي ٻڌايو ته ايندڙ 2 سالن ۾ به ڪي 4 جو ڪم مڪمل نه ٿيندو .هن چيو ته شهر ۾ ڪي4، ون ۽ ٽو گڏ شروع ڪيا وڃن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪي 4 ۽ 3 اسان جي دور ۾ شروع ٿيو. پاڻي ڏيڻ ۽ سيوريج جو ڪم وڏي وزير جو نه پر مڪاني سرڪار جو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي آبادي 2020ع ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي ويندي .ڪراچي جي عوام کي روزانو 1250ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي .7.9ارب جو منصوبو 42 ارب جو ٿي ويو آهي .هن چيو ته پهرين ٽينڪر مافيا هئا هن وقت هوٽل مافيا آهن .ڪراچي کي شهري حڪومت سميت 13 ميو نسپل اداري هلائي رهيا آهن. پلاٽ سٽي ڪائونسل جي ٺهراءَ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏنو ويو آهي ،جسٽس سجادعلي شاهه چيو ته محمود آباد ٽريٽمنٽ پلانٽ جي زمين سٽي ڪائونسل کي به ڏيڻ جو اختيار نه آهي .عدالت محمودآبادٽريٽمنٽ پلانٽ تي وڏي وزير کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے