21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

راڻا ثناءُ الله جي استعيفيٰ نه ملڻ تي سيالوي جو ن ليگ سان اتحاد ختم

سرگوڌا(م ڊ) پير حميد الدين سيالوي ن ليگ کان عليحدگي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هاڻ رڳو راڻا ثناءُ الله نه پر ٻيا اسيمبلي ميمبر به مستعفي ٿيندا.سرگوڌا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پير حميد الدين سيالوي جو چوڻ هو ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي استعيفيٰ جي معاملي تي حڪومت کي گهڻو وقت ڏنو ويو آهي، ليگي اڳواڻ استعيفائن جي معاملي تي مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ۽ ان تي اسان مٿان آڱريون کڄي رهيون آهن ته اسان جي حڪومت سان ڊيل ٿي وئي آهي ان ڪري آئون حڪومت کان عليحدگي جو اعلان ڪيان ٿو ۽ هاڻ راڻا ثناءُ الله کان استعيفيٰ نه ورتي ويندي پر استعيفائن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي.  هن چيو ته حڪومت کان اجازت ملي يا نه ملي 10 ڊسمبر تي ڌوٻي گهاٽ فيصل آباد ۾ جلسو ٿيندو ۽ راڻا ثناءُ الله جي استعيفيٰ تائين تحريڪ جاري رهندي جڏهن ته جيڪي ماڻهو ختم نبوت بابت آئيني ترميم جا ذميوار آهن انهن کي سزا ڏيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے