16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

احتجاج بعد ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ عوامي تحريڪ حوالي، ڪارڪن تيار رهن، ڪنهن به وقت اعلان ڪندس: طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ رپورٽ ملڻ کان پوءِ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ عام ڪرڻ واري عدالتي فيصلي خلاف پنجاب حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ رپورٽ عام ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي حڪومت رپورٽ شايع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پارٽي جي سيڪريٽري جنرل خرم نواز گنڊاپور جي قيادت ۾ جاچ رپورٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سول سيڪريٽريٽ پهتا جتي پوليس کين اندر وڃڻ کان روڪيو. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته ڪنهن به وقت احتجاج جو اعلان ڪري سگهون ٿا ڪارڪن تيار رهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري چيو ته پنجاب حڪومت کان باقر نجفي جي رپورٽ وٺي ڇڏي آهي، ان جو مطالعو به ڪري ڇڏيو آهي، هڪ هڪ لفظ پڙهيو آهي، رپورٽ وڏي وزير، قانون واري وزير ۽ ٻين کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي. سندس چوڻ هو ته پارٽي ۾ صلاح مشورو جاري آهي، سڀاڻي اسان جي وڪيلن ۽ ڪور ڪميٽي جو گڏيل اجلاس آهي، انتظاميا کي چئي ڇڏيو آهي ته منهنجو ڪنٽينر تيار رکو، شهيدن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ اسان جو فرض آهي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے