16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

سي سي آءِ ۾ آواز دٻايو وڃي ٿو، ڪي فور لاءِ وفاق 9 ارب ناهن ڏنا:مراد شاهه

ڪراچي(هه آئوٽ/ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي لاءِ چئني صوبن کان الڳ پاڻي گهرجي، ڪي فور منصوبي جي باري ۾ سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي ٿر ۾ آر او پلانٽن بابت به آگاهه ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منصوبن تي ڪم جاري آهي پر وقت گهرجي ٿو، سي سي آءِ ۾ منهنجو رڳو هڪڙو ووٽ آهي باقي ست ووٽ ٻين جا آهن. هن چيو ته سي سي آءِ ۾ هميشه آواز اٿاريندو آهيان پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري آواز دٻايو ويندو آهي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ واقع صدر واري علائقي ۾ ٻيهر تعمير ڪيل جهانگير پارڪ جي دوري دوران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پاليسي گائيڊ لائين ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنجاهه سالا يوم تاسيس تي اسان سان گڏ رينٽ اي پبلڪ گڏ نه هئي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي دلين ۾ راڄ ڪندي آهي. هن چيو ته سال 2018ع وارين عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڀرپور سوڀ حاصل ڪندي ۽ ٿرپارڪر جا سمورا تڪ پڻ اسان کٽينداسين. هن چيو ته ڪي فور رٿا 25 بلين رپين وارو منصوبو آهي، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت 3 بلين رپيا ڏنا آهن جڏهن ته وفاق ساڍا نو ارب رپيا اڃا ناهن ڏنا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي فور رٿا تي ايف ڊبليو او ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، هاڻ اها رٿا 33 ارب رپين جي ٿي وئي آهي ان تي اضافي 5 ارب رپين جي لاڳت ايراضي جي حصول لاءِ ڪئي وئي آهي ۽ اسان ڪي فور رٿا لاءِ مختص ڪيل سمورا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪي فور ون ۽ ٽو ڪنسيوڊ پروجيڪٽ آهي، ان جي صحيح ريت پلاننگ نه ٿي آهي انڪري اڄ اها رٿا 33 ارب رپين جي ٿي وئي آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مون سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته مون کي جڏهن اڄ عدالت ۾ گهرايو ويو ته مون پهرين سوچيو ته ڇوٽ ڪري نه وڃان، پوءِ مون سوچيو ته جڏهن عدالت منهنجي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته مان ضرور حاضر ٿيندس. وڏي وزير چيو ته اها ئي عدالت آهي جنهن 1973ع جي آئين جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني پر اڄ ساڻس خدمتن جي واکاڻ ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته لاهور جي پاڻيءَ م 100 سيڪڙو ارڪينڪ آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي جج به چيو ته اسان سنڌ ۾ پهرين پاڻيءَ جي مسئلي کي اٿاري ٻين صوبن جي ماڻهن سان زيادتي ڪئي آهي. هن چيو ته عدالت واٽر ڪميشن تي ٽاسڪ فورس بڻايو آهي، ٽاسڪ فورس جا 20 اجلاس ڪيا ويا آهن ۽ ان ٽاسڪ فورس مون ڏانهن ست سمريون اماڻيون آهن جيڪي منظور ڪيون ويون آهن. ٽاسڪ فورس ۾ سرڪاري آفيسر آهن، جيڪي مون کي رپورٽ ناهن ڪندا ۽ انهن کي مان بدلي به نٿو ڪري سگهان، هي اهي آفيسر آهن جيڪي اڳئي ڪم نه ڪندا هئا هاڻ ڇا ڪندا؟ مون اها ڳالهه سپريم ڪورٽ کي ٻڌائي آهي، عدالت ان معاملي کي ڏسڻ جو يقين ڏياريو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عدالت مون کي ٻڌو ۽ موقف بيان ڪرڻ جو موقعو ڏنو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ساڍا ڇهه سئو ملين گيلن پاڻي روزاني مهيا ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته عدالت ۾ جيڪا ڊاڪومينٽري پٽيشنر ڏيکاري آهي، ان ڊاڪومينٽري ۾ حقيقتون ناهن ڏيکاريون ويون. هن چيو ته 726 هنڌن جي نشاندهي ٿي آهي جتان گندو خراب پاڻي واهن ۾ ويندو آهي، اسان انهن هنڌن وٽان خراب پاڻيءَ کي صاف ڪري واهن ۾ وهائينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته درياهه مان تمام گهٽ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ ڪري زمين سمنڊ کائي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته سمنڊ ۾ دياهه جي پاڻيءَ جو ڇوڙ تمام ضروري آهي، ٻئي صورت ۾ ٺٽي ۽ بدين جي وڏي ايراضي سمنڊ کائي ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 29 جولاءِ تي حلف کڻڻ کان پهرين چيو هو ته سمورا مسئلا حل ٿي نه سگهندا پر ايترو ٿيندو ته رستو ڏيندس جنهن تان ڪوبه هٽي نه سگهندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته مصطفيٰ ڪمال عدالت ۾ مڃيو آهي ته هن ٽريٽمينٽ پلانٽ جي ايراضي ماڻهن کي الاٽ ڪئي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ مونکي حڪم ڏنو آهي ته زمين جي الاٽمينٽ تي انڪوائري ڪريان ۽ مون اڄ ئي انڪوائري ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. شاهراهه فيصل تي مختلف ادارن کان ايراضي خريد ڪري شاهراهه جي قطار وڌائي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا بريفنگ کانپوءِ مصروف واپاري مرڪز ايمپريس مارڪيٽ، بوهري بازار ۽ ٻين مارڪيٽن جون پنڌ دورو ڪيو ۽ دڪاندارن سان ملاقاتون ڪيون. سيد مراد علي شاهه هڪ دڪان مان برياني خريد ڪري کاڌي، سيد مراد علي شاهه سان شهرين سيلفيون بڻايون. وڏي وزير چيو ته صدر ۾ گهمي سندس شاگرديءَ وارو دور ياد اچي ويو. 033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے