16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

آمريڪا والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ تسليم ڪري ورتو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي دٻاءُ رد ڪندي والاريل بيت المقدس يروشلم کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته والاريل بيت المقدس کي اسرائيلي گادي واري هنڌ قبول ڪرڻ جي فيصلي تي ڪافي تنقيد ڪئي وئي. هن چيو ته آمريڪا ٻن ڏهاڪن تائين اهڙي فيصلي کان پاسو ڪيو پر اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جٽادار امن جا ڪي به آثار نظر نه آيا تنهن ڪري مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته والاريل ڪشمير کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان اهڙو فيصلو آمريڪا جي بهترين مفاد ۽ اسرائيل ۽ فلسطين ۾ امن جي جستجو کي نظر ۾ رکندي ڪيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي کي هدايت جاري ڪئي ته هو آمريڪي سفارتخانو تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري. هن چيو ته آمريڪا جي ڪيترن ئي صدرن چيو ته هو ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا پر ڪجهه نه ڪيو، هنن ايئن جرئت نه هئڻ سبب ڪيو يا ڪنهن ٻي سبب جي ڪري ان حوالي سان مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام کي انصاف نه پيو ملي، سڌارن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪوڙين صحيحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے