16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

سعودي جي 320 شهزادن تي ڪرپشن الزام، ڊيل بعد 161 کي آزاد ڪرڻ جون تياريون

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ ڪرپشن الزامن تحت گرفتار شهزادن مان ڪيترائي ڊيل ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن. خابرو اداري رائٽرز موجب سعودي عرب جي پبلڪ پراسيڪيوٽر سعودالمعجب جو چوڻ هو ته ڪيترائي شهزادا ڊيل ڪرڻ تي راضي ٿي چڪا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي. هن جو چوڻ هو ته حراست هيٺ شهزادن خلاف ڪارروائي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، پهرئين مرحلي ۾ جيڪي ماڻهو عوام کان ڦريل پئسا واپس ڪرڻ تي راضي آهن انهن جي آزادي عمل ۾ آندي پئي وڃي جڏهن ته جيڪي شهزادا ڊيل لاءِ تيار ناهن انهن خلاف ڪيس هلايو ويندو. پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف جوڙيل ڪميشن 320 شهزادن کي ڄاڻ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جڏهن ته 159 فرد حراست هيٺ رهندا، جن مان ڪيترائي ڪيس جي ڪارروائي لاءِ پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪيا ويا. گذريل مهيني جي آخر ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار سعودي عرب جي اڳوڻي فرمانروا شاهه عبدالله جي پُٽ شهزادي مطعب کي به ڊيل بعد آزاد ڪيو ويو هو. گرفتار سعودي شهزادن ۾ وليد بن طلال پڻ شامل هو، جنهن دنيا جي ناليواري مالياتي ادارن ۾ سيڙپ ڪاري ڪئي آهي، هو شاهه سلمان جو ويڳو ڀائٽيو آهي جنهن جو شمار دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ ٿيندو آهي. شهزادي وليد بن طلال تي مني لانڊرنگ ۽ رشوت جي ڏي وٺ جا الزام مڙهيا ويا. انهن شهزادن کي قيد ڪرڻ لاءِ رياض جي فائيو اسٽار هوٽل کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو هو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے