16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

شرجيل ميمڻ جي ضمانت درخواست تي نئب کي نوٽيس

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ  اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ  جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندي نئب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. وڌيڪ ٻڌڻي  جنوري جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت انعام اڪبر ۽ ٻين جوابدارن طرفان دائر درخواستن تي به نئب کي نوٽيسز جاري ڪندي واضح ڪيو ته  جڏهن هڪ ڪيس ۾ نئب کي نوٽيس جاري ڪيا ويا ته باقي  درخواستن ۾ به نئب کان وضاحت طلب ڪري ٿا وٺون. اربع تي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ جسٽس دوست محمد خان  ۽ جستس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير  جي وڪيل لطيف کوسه پيش ٿي عدالت جي سوال تي ٻڌايو ته منهنجي اصيل تي ڪو ڏوهه ثابت نه ٿيو پر ان باوجود ان جي ضمانت نه پئي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ جوابدار کان بانڊ نه ورتو ويندو آهي، پر ان کي قيد ڪيو ويندو آهي، عدالت کيس چيو ته اسان نئب کي نوٽيس جاري ڪري وضاحت لاءِ طلب ڪريون ٿا. فاضل وڪيل عدالت کي چيو ته ڪيس جي ٻئي جوابدار انعام اڪبر به سپريم ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ نيب جي چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي اختيار کي چئلينج ڪيو ويو آهي، عدالت اڄ درخواست جو به جائزو وٺي، جسٽس اعجاز افضل کيس چيو ته عدالت طرفان نئب کي هڪ ڪيس ۾ نوٽيس جاري ٿي چڪو باقي درخواستن ۾ به ان کي نوٽيس جاري ڪريون ٿا، بعد ۾ عدالت وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے