17 اڱارو , جولاءِ 2018

طاهر القادري انصاف لاءِ روڊن تي نڪتو ته سندس ساٿ ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي تي انصاف لاءِ جڏهن به روڊن تي نڪتو ته سندس ساٿ ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سڀني کي ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ ڏسڻ گهرجي، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله فوري طور استعيفيٰ ڏين، شهباز شريف جو ڪوڙ پڪڙيو ويو آهي ۽ راڻا ثناءَ گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪرايو، ڪيس شهباز شريف ۽ عابد شير علي تي هلڻ گهرجي، طاهر القادري کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته فلسطيني مسلمانن تي ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي، ٽرمپ جهڙا ماڻهو مسلمانن کي انسان ئي نه ٿا سمجهن ان بابت اسان جي گڏي وزيراعظم کي طيب اردگان جهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي.  سندس چوڻ هو ته اسان صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ پرامن سياسي احتجاج ڪيو ته مٿس دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، آمر جي هنج ۾ ويهندڙ ڪنهن تي دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل ڪري سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت 23 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت 23 …