21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

ادب جو قومي ڪردار ۽ تاج جويو .!

شهباز  پيرزادو

مٿيون عنوان هڪ ئي گهر جي ٻن فردن سان سلهاڙيل آهي ،جن منجهان هڪ يعني ادب جو قومي ڪردار  سنڌ جي حقيقي دانشور سائين خاڪي جوئي  جي  ڪتاب جو  عنوان  آهي ته ٻيو يعني تاج جويو دورِ حاضر جو اديب ۽ خاڪي جوئي جو ڀاءُ پڻ آهي .. .

خاڪي جويو جنهن ادب جو قومي ڪردار ڪتاب لکي اسان کي ٻڌايو ته اديب ڪيئن هجڻ گهرجي ، سماج ان کان ڪهڙي گهرُ ڪري ٿو ، ۽ سندس لکڻيون ڪهڙي صورت ۾ قوم جي ڪم جون آهن ۽ ڪامياب اديب جي حقيقي وصف ڪهڙي آهي . ايهي سڀ شيون پنهنجي ڪتاب ۾ سهيڙي جنهن خاڪي جوئي سنڌي قوم کي اديب جي حقيقت ۽ صف کان روشناس ڪرايو، اڄ ان جي ڪتاب جي پس منظر ۾ سندس گهر جي ڀاتي يعني تاج جوئي کي پرکبو ته حالت ڪجهه ٻي نظر ايندي .. .

سائين تاج جويو سنڌ اندر هڪ قومپرست اديب طور سڃاتو ويندڙ ڪردار آهي ۽ مون جهڙا نه ڄاڻ ڪيترا نوجوان هن جو عزت ۽ احترام سندس روح ۾ موجود قومپرستيءَ واري عنصر جي ڪري ڪندا آهن ، پر ان وقت دل جو دهڪو تيز ٿي ويو نومبر جي سرد ڏينهن ۾  به نراڙ پگهر پگهر ٿي ويو جڏهن عطا محمد حاميءَ جي ورسيءَ جي پروگرام ۾ محترم تاج جويي اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه کان حامي ايوارڊ وصول ڪندي خوشيءَ وچان مرڪڻ واري تصوير اخبار ۾ ڏٺم …ان دانش منديءَ کي ڪهڙو نالو ڏجي جيڪا قوم سان ٿيندڙ ڪلورن تي چپ سبيو ويٺي آهي ، جيڪا ايوارڊ وٺڻ جي خوشيءَ ۾ سنڌ جي ان امڙ جي اکين جو اوجاڳو به وساري ويهي ٿي جنهن جو پٽ سالن کان لاپتا آهي ، هي ڪهڙي قسم جي دانشمندي آهي جيڪا ووٽ جي مٿان ڇٿرون ڪندڙ ماڻهن کي ڪونه ٿي سڃاڻي ، يا اهو ڪهڙو منطق آهي جو جڏهن سنڌ جي نوجوانن جي روزگار جي ڳالهه اچي ته جيڪي ماڻهن چون ٿا ته نوجوان وڃي ڇولا کپائن، اسان جي دانش اهڙن هٿن کان ايوارڊ وٺڻ مهل خوشيءَ وچان تصوير ڪڍرائڻ کان ٿورو اڳ اهو ته کين لازمي ڏسڻو هيو ته هن پنڊال جي ٻاهران به ڪا قوم ڪو عوام ڪو انسان رهي ٿو ، جنهن جي اڱڻ تي سورن جون ساعتون سڪنديون آهن ، جن جي زندگيءَ جي چلهه تي هر روز دردن ۽ تڪليفن جي ڪني چڙهندي آهي. پوءِ به مسڪرائي هو پنهنجي شان ۽ شوڪت جي ڀرم جو خيال لازمي رکندا آهن ..

هڪ ليکڪ جيڪو سماج ۾ موجود سڀني ماڻهن کان منفرد ۽ نرالو مقام رکي ٿو جيڪو شعوريافته سمجهيو وڃي ٿو ، جنهن وٽ ڏات آهي ، ۽ ساڳي وقت ان جي ئي قول ۽ فعل ۾ تضاد به هجي ته پوءِ اها ان سماج جي نااهلي سمجهجي جيڪو ان کي ليکڪ سمجهي ٿو يا ان ليکڪ بابت ويچارجي جيڪو ٻاهران هنج جي ٻولي ٻولي ۽ اندر ۾ نه ڄاڻ ڪيترو ڪانءُ رکي ٿو .. اهو هڪ سوال آهي ؟

سنڌ جي ليکارين کي هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌي قوم اوهان کي دانشور سمجهي ٿي ، ۽ اوهان به مختلف پروگرامن ۽ ميڙاڪن ۾ پنهنجي نالي آڏو جڏهن دانشور جو لفظ ٻڌندا آهيو ته اوهان پنهنجي ڪپڙن ۾ ناهيو ماپندا ، منهنجا سائين دانشوري صرف ذهني عياشي  جو نالو ناهي ، دانشور جيترو لفظ گهرو ۽ وسيع مفهوم وارو آهي اوتري ئي ان جي گهرج پڻ آهي اوهان پنهنجي نالي آڏو دانشور جو لفظي ٻڌي خوش ته ٿيو ٿا پر ساڳي وقت جڏهن ان نالي جي ڀرم جو سوال اچي ٿو ته اوهان اهو به وساري ويهو ٿا ته ايوارڊ ڏيندڙ هٿ ڪنهن جا آهن ۽ منهنجو قوم اندر مقام ڪيترو آهي …

ههڙي قسم جو بحث سوشل ميڊيا تي اڳ به ٿي چڪو آهي جڏهن اسان جي هڪ ٻئي دانشور جامي چانڊيي به لطيف سرڪار جي ميلي تي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين کان لطيف ايوارڊ وٺي پنهنجا اهي ڪالم ئي وساري ڇڏيا، جنهن ۾ هن پپلز پارٽي جي سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيڻ جا دليل ڏنل هئا ..

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته محترم جامي صاحب کي ادب واري تارازيءَ جي ڪهڙي پڙ ۾ رکجي ادب براءِ ادب واري پڙ ۾ يا ادب براءِ زندگي جي پڙ ۾ .. مان سمجهان ٿو جيڪڏهن دانشور جو لفظ ٻڌي جيڪو دوست سرهائي ۾ ماپن ڪونه ٿا، انهن کي اهو به سمجهڻ لازمي آهي ته ادب براءِ ادب جي ذهنيت جا ماڻهو سڌي، اڻ سڌي طرح قبضي گيرن  جي پيداوار هوندا آهن ۽ ادب براءِ زندگيءَ جي ذهنيت وارا ماڻهو سماج جي ناسورن تي لکندي قوم کي انهن ناسورن جو حل به ٻڌائيندا آهن اوهان هڪ پاسي جن ماڻهن کي سنڌ لاءِ ناسور سمجهي رهيا آهيو وري ٻئي پاسي انهن جا ايوارڊ انهن جا ٻلا ۽ انهن جا تمغا به اوهان لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا ته اسان اڻ ڄاڻ ماڻهو اوهان کي سمجهڻ جي شروعات ڪٿان کان ڪيون ….

سنڌي ادب کي جيڪڏهن قومي ڪردار واري اک سان ڏسبو ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو وڃي بچندا جيڪي ادب جي قومي ڪردار نڀائڻ واري ڳالهه تي عمل ڪندا هوندا باقي ته ادبي سنگت کان ويندي اين جي او ۾ موجود سمورا دانشور ليڪچرن ۾ هڪڙي ڳالهه ٿا ڪن ته ٽي وي چينلز تي ٻي جيڪا ڳالهه مون جهڙي سيکڙاٽ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪوڪي وانگر کُتل  آهي ته سنڌ اندر دانشمنديءَ جو نه ته ڪو پئمانو آهي ۽ نه ئي ڪا سماجي بيهڪ، جيڪڏهن هن وقت مونکان ڪير سوال پڇي ته سنڌ اندر ڪو حقيقي دانشور موجود آهي ؟؟ ته مان جواب ڏيڻ بجاءِ هڪ پاسي سنڌ جي موجوده ليکڪن جا ڪتاب ، ڪالم ، تقريرون رکندس ٻئي پاسي انهن جا ايوارڊ وٺڻ مهل مسڪرائڻ وارا ڦوٽو رکنداسين، سوال پڇندڙ منهنجي ڳالهائڻ کان بنا ئي سڀ ڪجهه سمجهي ويندو ..

ادب هڪ وسيع معنيٰ وارو سبجيڪٽ آهي، جيڪو دورِ حاضر جي گهرجن، تحت ۽ قومي مفادن ۾ هجڻ اولين شرط آهي هاڻي جيڪڏهن اسان جو ادب اسان جي قومي مفادن جي ابتڙ آهي ته اهو پنن جو ذيان آهي ، مس جو اجايو استعمال آهي ، پڙهندڙ جي توانائيءَ جو نقصان آهي ، ۽ قومي مفادن کي ڪپاري ڌڪ آهي . .. جيڪڏهن قومي مفادن کي ان ڪاپاري ڌڪ کان بچائڻو آهي ته سنڌ جي اجائي اديب ۽ دانشور ماڻهن جي پرک ڪرڻي پوندي ۽ پوري قوم کي هڪ دفعو وري خاڪي جويي وانگر ٻڌائڻو پوندو ته اديب جو ذميواريون ڪهڙيون آهن ۽ سماج ان کان ڪهڙي گهرُ ڪري ٿو ، جيڪڏهن اڄ اسان اهڙي تاريخي نشاندهي نه ڪئي سين ته اسان جا هي اڄوڪا دانشور اسٽيج تي هڪ ڳالهه ٽي وي تي ٻئي ڳالهه ڪري اسان کي غفلت جي ننڊ ۾ سمهارڻ جا ڪوشش ڪندا رهندا ۽ جڏهن غفلت جي ننڊ عروج تي هوندي آهي ته تباهي اڻٽري حقيقت بڻجي ويندي آهي . سو اڄ اهڙي قسم جي نشاهدي تباهيءَ کان بچاءَ جو واحد حل آهي ….

سنڌ جي اديب حضرات جن لاءِ هن قسم جو ڪالم لکڻ وقت هٿ ڪنبن به ٿا ته افسوس به ٿئي ته سچ پڇو ته روئڻ به اچي ٿو ته جن ماڻهن منجهان اسان هزارين اميدون رکون ٿا جن کي قوم جو مسيحا سمجهون ٿا ، جن جي ماٿي تي دانشمنديءَ جو تلڪ لڳل آهي، اهي ساڳيا ماڻهو اسان جي احساسن ۽ احترامن جي جهوليءَ کي خالي ڇڏي  ايوارڊ جي عارضي خوشيءَ جا متلاشي لڳا پيا آهن واقعي اها هڪ ماتم ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته هزارين سالن کان خوشحاليءِ جي اڀرندڙ سج هيٺان زندگيءَ جو ڪار وهنوار هلائيندڙ سنڌي ماڻهن جو موجود دانشور هڪ مداري  لڳو پيو آهي  جيڪو ادب جي ڀوليءَ جي نچائي رهيو آهي ۽ ان کي حقيقي اهميت کان واقف ئي ڪونهي ..

آخر ۾ سائين تاج جويي صاحب کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪجي ته هڪ دفعو پنهنجي پراڻين لکڻين ۽ سائين خاڪي جويي وارو ڪتاب ”ادب جو قومي ڪردار “ تي هٿ رکي ، پنهنجو پاڻ کي موجوده حالتن سان ڀيٽي ڏسجو ،  ته اوهان جو خاندان ادب جو قومي ڪردار جن ماڻهن کي ٻڌائي رهيو آهي اوهان انهن ئي ماڻهن جو اڳيان سنڌي ڪلچر دشمن هٿن کان ايوارڊ وٺي پنهنجي اهميت جي اوچي جبل کي پرزا پرزا نه ڪيو ، هي ٻلا ، هي تمغا ۽ هي شيلڊون بس اکين جو ڍو ۽ ذهني عياشي آهي باقي انهن جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو ڪو به فرق ڪو نه ٿو پوي، جيڪڏهن اوهان سائين خاڪي جويي وانگر اڄ سنڌي نوجوانن کي ادبي ، قومي ۽ ثقافتي نمائندگي ڪيو ته سنڌي نوجوان اوهان کي اهڙو تمغو هڻي ڇڏيندو جيڪو اوهان کي جيئدان بخشي ڇڏيندو . ۽ اوهان جي عظمت جا نگارا ان ڏينهن تائين وڄندا رهندا، جنهن ڏينهن تائين سنڌ نالي ڪا هڪڙي به شئي دنيا ۾ موجود هوندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ جو وقت اچي ويو

حيات  تنيو تمام گھڻن وهمن، وسوسن ۽ خدشن جي باوجود اهو چئي سگھجي ٿو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے