21 ہفتہ , اپریل 2018

مائنس ون فارمولو

محبوب چانگ

۽ نيٺ اسلام آباد جي جلسي ۾ آصف زرداري به اعلان ڪري ڇڏيو ته “ مان دعائن سان گڏ بلاول توهان جي حوالي ڪيان ٿو، اميد آهي ته توهان جهڙي وفا مون سان ۽ بينظير سان ڪئي اهڙي ئي وفا بلاول سان به ڪندا”

ڪو مڃي يا نه مڃي ، پر مونکي لڳي ٿو “مائنس ون” فارمولي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، جهڙي ريت ايم ڪيو ايم مان الطاف حسين ۽ نون ليگ مان نواز شريف مائنس ٿي ويو،اهڙي ريت آصف زرداري به مائنس ٿي ويو، پر زرداري صاحب جو مائنس ٿورڙو الڳ آهي، الطاف حسين پارٽي جي سربراهي وڃائي ۽ پاڪستاني سياست مان مائنس ٿي ويو. نواز شريف عدليا ذريعي مائينس ٿيو ۽ اقتدار سان گڏ کانئس پارٽي قيادت به وئي. الطاف حسين پارٽي جي سربراهي لاءِ کوڙ هٿ پير هنيا، هاڻي به جتن جاري اٿس پر ٿيندو ڪجهه ڪونه ڇو ته فيصلو ٿي چڪو آهي.ميان صاحب هوشياري سان پارٽي جي سربراهي حاصل ڪري ورتي. اقتدار ۾ ٻيهر اچڻ جي اميد اٿس ۽ اهليت کان نااهلي جي سفر کانپوءِ ٻيهر واپسي مطلب چونڊون وڙهڻ لاءِ اهل ٿيڻ جي جنگ به وڙهي رهيو آهي جنهن ۾ کيس ڪامياب ٿيڻ جي اميد آهي پر ائين ٿيندو ڪونه، ڇو؟ ان خلاصي ۾ پوءِ وڃون ٿا، اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ واري جلسي ۾ زرداري صاحب ناچ ڪندي ۽ ڪافي خوش نظر آيو. زرداري صاحب آصف زرداري کي پارٽي جي ڪمان منتقل ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ۽ ان سان گڏ اهو اعلان به ڪيو ته نواز شريف جي جمهوريت بچائڻ بدران هو پنهنجي جمهوريت آڻيندا.زرداري صاحب جي انهي اعلان ۾ بختگي هئي.نواز شريف مائنس ٿيڻ بعد ڏوراپا ڏيندو پيو وتي پر زرداري صاحب مائنس ٿيڻ باوجود به کلي پيو، ڇو ؟

زرداري صاحب ، نواز شريف کان ڪيترائي حصا وڌيڪ سياڻو ۽ عقل وارو سياستدان آهي.کيس ٽڪراءُ پسند ناهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو کيس مفاهمت جو بادشاهه چيو وڃي ٿو ۽ انهي ئي مفاهمت کيس ڏوارپا، رڙيون ۽ دانهون ڪرڻ کان بچايو.

توهان کي ياد هوندو زرداري صاحب وطن واپسي بعد هڪ جلسي ۾ پارليامينٽ وڃڻ يعنيٰ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو.نه رڳو پاڻ پر پاڻ سان گڏ بلاول کي به چونڊ وڙهائڻ جو اعلان ڪيو هو. سموريون تياريون به مڪمل ٿي ويون هيون پر اوچتو فيصلو ملتوي ڪيو ويو ؟ ڇو ؟

اهو طئي ٿي چڪو هو ته زرداري صاحب کي هاڻي مائنس ٿيڻو آهي پر زرداري صاحب کي پاڪستان ۽ بلاول ٻنهي جو مستبقل پيارو آهي ان لاءِ مفاهمت ضروري هئي ۽ ان سان گڏ ڪجهه خاص ڪم.

ڊاڪٽر عاصم جي ڳچ عرصي بعد ضمانت ٿي وئي، کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت به ملي وئي، اومني گروپ مان هٿيار هٿ اچڻ وارو ڪيس به ختم ٿي ويو۽ ايان علي به لنڊن هلي وئي،زرداري صاحب نيب ريفرنس مان به بري ٿي ويو ۽ شرجيل ميمڻ صاحب جو مسئلو به حل ٿي ويندو، زرداري صاحب پنهنجي سياڻپ سان اهي سمورا مسئلا جلدي ۽ محدود وقت ۾ حل ڪري ورتا،زرداري صاحب پاڻ کي مائنس ڪري بلاول ڀٽو کي اڳتي آڻي ڇڏيو آهي، ميان صاحب وٽ به هاڻي هڪ ئي رستو آهي ته هو پارٽي جي سربراهي مريم نواز ڏانهن منتقل ڪري يا وري پارٽي جي ڪنهن سينيئر اڳواڻ کي اڳتي آڻي پر ميان صاحب ائين ڪندو نه ڇو ته ميان صاحب ذوالفقار ڀٽو واري دڳ تي هلي رهيو آهي، ڪيئن ؟

اڄ جي لکڻ وارن جو خيال آهي ته فوج ڀٽو صاحب کي ڦاهي نه پر آزاد ڪرڻ پئي چاهيو ،پر ڀــُٽي صاحب کان ڊڄندي کيس ڦاهي ڏني وئي.

ڀٽو صاحب جي اهڙين تقريرن جنرلز کي ڊيڄاري ڇڏيو جنهن کانپوءِ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو،رضا احمد قصوري جي والد جي قتل جي ايف آءِ آر سامهون آئي ۽ ڀٽو صاحب خلاف قتل جو ڪيس شروع ٿي ويو،لاهور هائيڪورٽ جي پنج رڪني بينچ قائم ٿي، مولوي مشتاق حسين سربراهه بڻيو.

ڀٽو صاحب کي جڏهن به عدالت آندو ويندو هو ته هو عدالت جي اندر ۽ ٻاهر ججز خلاف تقريرون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو، ڀٽو صاحب عدالت تي “منهنجي خلاف فيصلو ڪيو نه پر ڪرايو پيو وڃي” جهڙا الزام به هڻندو هو، ڀٽو صاحب ڳجهن هٿن، ايجنسين ۽ مارشل لاء حڪومت تي به اعتراض واريندو هو ۽ انهن کي پنهنجي ڪيس پٺيان هئڻ وارا الزام به ڏيندو هو.اڄ تاريخ اقرار ڪري ٿي ته فوج ۽ عدليا ۾ ڀٽو جا اڻ ڳڻيا پرستار موجود هئا، جيڪي ڀٽو صاحب کي ٻاهر نڪرڻ جي گنجائش ڏيڻ چاهين پيا، پر ڀـُٽي صاحب جي عدليا ۽ فوج بابت چٽي موقف سبب هو تاريخ بڻجي ويو.

ميان نواز شريف صاحب به اڄ انهي ئي دڳ تي هلي رهيو آهي.فوج ۽ عدليا ۾ نواز شريف جا کوڙ چاهڻ وارا موجود آهن، اهي ٻئي ادارا جمهوريت ۽ نظام کي حقيقت به تسليم ڪن ٿا،اهي سمجهن ٿا ته طاقتور پارليامينٽ طاقتور ملڪ جي ضامن هوندي آهي،اهي ميان نواز شريف خلاف فيصلي کي ڪمزور فيصلو سمجهن ٿا ۽ اهي نواز شريف کي گنجائش به ڏيڻ چاهين ٿا پر ميان نواز شريف پنهنجي خيالن ۽ لڇڻن جي ڪري اها گنجائش ختم ڪندو پيو وڃي،نواز شريف ٻنهي ادارن لاءِ ڌمڪي بڻجندو پيو وڃي ۽ ان لاءِ مونکي خطرو آهي ته اها حڪمت عملي ميان صاحب کي ٻيو ڀٽو نه بڻائي ڇڏي.مونکي خطرو آهي ته ملڪي ادارا ٻيو ڀيرو “ اسان يا هي ” تي هلندا ۽ مونکي خطرو آهي ته ميان صاحب جو ضد ملڪ کي وڏو نقصان نه رسائي.

حڪومت کي اها غلط فهمي آهي ته اها سينيٽ چونڊن تائين برقرار رهندي،ميان نواز شريف جيڪڏهن 2018ع جون چونڊون وڙهيون ته اها هن صدي جو سڀ کان وڏو معجزو هوندو ۽ اهو معجزو ثابت ڪري ڇڏيندي ته نواز شريف پاڪستان جي تاريخ جو خوش قسمت سياستدان آهي پر مونکي اهڙو معجزو ٿيندو نظر نه پيو اچي.ان لاءِ ميان صاحب لاءِ بهتر آهي ته هو زرداري صاحب واري دڳ تي هلن، مفاهمت ڪن ۽ مائنس ون واري فيصلي کي تسليم ڪن ۽ زرداري صاحب وانگر ويهي رڳو معاملن جي نگراني ڪن ۽ سسٽم کي هلڻ ڏين…

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪومي جو ڪتاب ۽ پاڪستان جي قيادت

اڪرام سهگل صدر ٽرمپ جيمز برئين ڪومي جونيئر کي 9- مئي 2017 کي فيڊرل بيورو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے