25 سومر , جون 2018

سماجي، جمهوري نظام جي ڳولا ۾ نڪتل بلاول

امتياز عالم

لاهور ۾ پ پ جي صوبائي ۽ قومي تنظيمي عهديدارن سان ملاقات، جن ۾ 20هزارن جي لڳ ڀڳ پرجوش ڪارڪنن شرڪت ڪئي هئي، جنهن جي خاتمي کانپوءِ اسان جو ساڻس هن ڳالهه تي ڇتو بحث ٿيو هو ته سندس سماجي جمهوري ايجنڊا ڪهڙي هوندي؟ يا هو اها دعويٰ رڳو مقبوليت ماڻڻ لاءِ ڪري ٿو؟ ان وقت هي سوال به اٿاريا ويا هئا ته  پ پ جو نظريو ۽ مشن ڪهڙو آهي؟ جيڪو ان کي ساڄي ڌر جي ٻين جماعتن کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهاري ٿو، ڪهڙي قسم جي سماجي جمهوري ايجنڊا ؟ هو پنهنجي پارٽيءَ جي طبقاتي ڍانچي ۾ڪهڙيون تبديليون آڻڻ ٿو چاهي، جنهن جي اڳواڻي جاگيردار اشرافيا ڪري رهي آهي، محترمه بينظير ڀٽو  جي شهادت کانپوءِ پارٽي تي جيڪي بار بنيا آهن، انهن کان هو پاڻ کي ڪيترو پري رکندو؟ سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هو ڪهڙيون تبديليون پيو آڻي ۽ اهو ته کيس پنهنجي پيءُ طرفان ريموٽ ڪنٽرول ذريعي هلايون ويندو يا هو آزاد نموني اڳتي وڌندو ۽ پنهنجي ٽيم جوڙيندو!

پهريون ڀيرو صحافين سان سوالن جوابن جي غير رسمي سلسلي ۾ بلاول هڪ ذهين، سٺو پڙهيل لکيل ۽ قابل احترام هڪ اهڙو نوجوان اڳواڻ محسوس ٿيو، جيڪو لبرل، جمهوري ترقي پسند خيالن سان سرشار هو، هن پيپلزپارٽيءَ کي نه رڳو کاٻي ڌر جي مرڪزي پارٽي طور نئين سر اڀارڻ پر کاٻي ڌر جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي بڻائڻ جو وچن ڪيو هو. هو رياست ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ بابت بلڪل چٽو نظر آيو، هو انساني حقن، عورتن ۽ خاص ڪري اقليتن جي حقن بابت به چٽو ۽ صاف گو لڳو ۽ سندس لاڙو سيڪيولرزم ڏانهن هو.

جڏهن ته آزاد ڪشمير جي چونڊن واري مهم دوران هن طرفان اختيار ڪيل ڀارت دشمن ۽ انتهائي قومپرستي رويي تي ڇتي تنقيد به ڪئي وئي، جيتوڻيڪ هن منهنجي موقف جو وڏي واڪ دفاع ڪيو پر  ٻئي ڏينهن ئي هن چيو ته سندن پرڏيهي پاليسي اهڙي هوندي، جنهن سان امن کي هٿي ملي، تبديليءَ خاطر هن ترقي پسند ۽ نوجوان ٽهيءَ کي اڳتي آندو آهي، هن لاءِ سڀ کان وڏي چيلينج، پارٽيءَ تي جيڪو جاگيرداراڻو ڪردار حاوي آهي، تنهن کي تبديل ڪرڻ ۽ انهن اڳواڻن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آهي، جن  جي ساک ڪا ئي ناهي.

جيتوڻيڪ بلاول سنڌ ۾ نوجوان وڏو وزير آڻڻ جو ڪريڊٽ ته کڻي ٿو پر رڳو ايئن ڪرڻ سان  سٺي حڪمراني ۽سماجي جمهوري ايجنڊا کي يقيني نه ٿو بڻائي سگهجي، هن ۾ شخصي سحر هئڻ ۽ آزاد هئڻ باوجود اهو اڃا ڏسڻو آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي اڳواڻ ڪڏهن ٿو ثابت ڪري ۽ ان جو دارو مدار  وڌيڪ ان تي آهي ته هو پارٽيءَ مقبوليت وڃائي ويٺي آهي سا ڪيئن ٿو بحال ڪري. هو بهر حال جيالن ۾ جوش، جذبو ۽ اميد جاڳائن ۾ ڪامياب ضرور رهيو آهي.

حيرت جي ڳالهه هي آهي ته  سوشل ميڊيا تي هن لاءِ ڳاڻيٽي جوڳي حمايت نظر آئي، جڏهن ڪيئي ماڻهن هن جي سماجي جمهوري ايجنڊا ۽ پنهنجي پيءُ ۽ پڦيءَ جي اثر مان آزاد ٿيڻ بابت درست سوال به اٿاري، مون کي لڳي ٿو ته بينظير ڀٽو جي لبرل سياسي ميراث کي پنهنجي پيءُ جي سياست جي فن واري مهارت کي ملائي اڳتي هلندو.

ڀلي هن کڻي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي وزارت عظميٰ جو اميدوار هئڻ جو اعلان ڪيو هجي پر هن کي ان لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي، پوءِ ڀلي ان ڏس ۾ آصف علي زرداريءَ کي ووٽ ورهائجڻ جي صورت ۾ مخلوط حڪومت جي تياري ئي ڇو نه ڪرڻي پئي.

سوشل ميڊيا  جا ڪجهه ڪمينٽيز مون کان پڇن ٿا ته هو جن معاملن کي منهن ڏئي رهيا آهن، تن جو جواب ڇا آهي، متبادل سماجي جمهوري ايجنڊا جا چند نقطا هي آهن، جيڪي رياست ۽ سماج ۾ حقيقي سماجي تبديليءَ لاءِ مددگار ٿي سگهن ٿا.

کاٻيءَ ڌر لاءِ جيڪو خال موجود آهي يا مذهبي انتهاپسندي ۽ شدت پسندي جي ماحول ۾ هي وقت آهي ته عوام جي حقن ۽ آزادي جي بچاءَ ۽ ملڪ کي موجود حالتن مان ٻاهر ڪڍڻ، ڇوٽڪارو ڏيارن لاءِ هڪ ڄاتل سڃاتل ترقي پسند سوچ ۽موقف سان ميدان ۾ اچڻ جي ضرورت آهي. بنيادي مقصد اسٽيسٽڪو  جو خاتمو آڻڻ آهي، سماجي جمهوري پليٽ فارم، جمهوري سيڪيولر، وفاق پرست، اجتماعيت ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو پليٽ فارم هئڻ گهرجي، جيڪو روايتي ڍانچن کان آجو هجي. اقتصادي جوڙ جڪ جي کوجنا تي ٻڌل هجي ۽ جنهن  ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي بهتريءَ لاءِ جامع پروگرام هجي. ان جو دارومدار نج پج عوامي جاڳرتا ۽ حمايت تي هئڻ گهرجي. جنهن جو مقصد فقط چند کي نه پر سڀني کي بااختيار بڻائڻ  هئڻ گهرجي، ڇو جو ماضيءَ ۾ پ پ جو رويو فقط چند طبقن کي بااختيار بڻائڻ رهيو آهي.

کوڙ چيلينجون به آهن، جن ۾ مذهبي انتهاپسندن طرفان سلامتيءَ جا خطرا، نظرياتي چيلينجون فرقيواريت ۽ دهشتگرديءَ جا خطرا به اچي وڃن ٿا. نه رڳو ايترو پر ڪمزور پر جارحاڻيون قومي سلامتي جون ايجنڊائون، اڪيلائيءَ جو شڪار بڻائيندڙ پرڏيهيءَ پاليسي، پاڙيسرين سان دشمني ۽ دشمني واري رويي ۾ لاڳيتو واڌ واريون للڪار به هن ملڪ کي درپيش آهن، هڪ وڏي چيلينج طاقت جي زور تي طاقت جو محور مرڪز تحت قومي تعمير سا به اسلام جي نالي تي، ۽ ٻيو ته اهو سڀ ڪجهه وفاق جي وحدتن کي نظرانداز  ڪندي انهن جا حق عضب ڪندي، انهن جي ثقافتن، ٻولين ۽ سڃاڻپ کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ به هڪ وڏو چيلنج آهي. اسانکي هيٺين سطح تي عوام کي با اختيار بڻائڻ ۽ عوام جي سڌي شراڪت ذريعي طاقت جي مرڪزن جي هيٺين سطح تي تي تعمير جي ڏس ۾ ڪيئي چيلنج به نظر اچن ٿا.

جمهوريت انتهائي ڏکي ۽ خراب صورتحال ۾ آهي ۽ سول ملٽري رساڪشيءَ ۾ اها خطري هيٺ ئي رهندي ۽ غير جمهوري روين، عدم برداشت، مذهب ۽ اقليتن جي معاملن ۾ رياست کي به پنهنجي جاءِ تي چيلينجون ئي آهن. وسيلا پيدا ڪرڻ واري موجوده سياسي معيشيت ( ٽيڪس ۽ ٻي آمدني )  جنهن تحت وسيلن جي اهڙي ورڇ ٿئي پئي جو رڳو ڀريل پيا ڀرجن ۽ ضرورت مند نظر انداز آهن، نه رڳو ايترو پر انساني وسيلن جي ترقي سڀني خطن ۾ فزيڪل انفرا اسٽرڪچر جي فراهمي جيڪو ڳچ عرصي کان گهربل آهي، ماحولياتي تحفظ، وسيلن جوتحفظ ۽ خانداني منصوبابندي جي معاملن کي به نظرانداز ڪيو پئي ويندو رهيو آهي.

اسان کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهندڙ غريب، هاري، مزدور ۽ پيشيور طبقي جي استحصال جو چيلينج به درپيش آهي.جيڪو سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي هٿان ٿي رهيو آهي. فنون، لطيفا، پرفارمنگ، آرٽ، مقامي، مقامي ثقافتن، ٻولين، نصاب سان هٿ چراند، تعليمي نظام جو زوال، بنهي يعني سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خاص ڪري مدرسن جو نصاب اهي چيلينجون به درپيش آهن، ڪند قبيلائي ۽ جاگيرداراڻيون روايتون خاص ڪري غيرت جي نالي ۾ اهڙيون ڪيئي ڪند روايتون آهن، جيڪي عورتن جي مصيبتن  ۾ اضافو ڪري رهيون آهن،

جنگي رياست جي مفاد ۾ رڳو تڪرار اينگهائڻ بجاءِ پاڙيسرين سان سٺن لاڳاپن، ڏکڻ ايشيائي ۽ وچ ايشيائي ملڪن ۾ معاشي ڳانڍاپن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، نه رڳو ايترو پر ٽريڊ يونين ۽ پروفيشنل ايسوسيئيشن جي سرگرمين جي راتاهن جو سلسلو بند ڪرڻ جي به ضرورت آهي.

هاڻي اچون ٿا  گهٽ ۾ گهٽ سماجي جمهوري پليٽ فارم  جي مول ۽ متن تي، هڪ ته مذهب کي رياست کان الڳ ڪري رياست جي نوعيت ۽ ڪردار کي تبديل ڪرڻ شراڪت جمهوريت ذريعي عوام کي بااختيار بڻائي پاڪستان کي قومي سلامتيءَ جي رياست مان سماجي بهبود واري رياست ۾ تبديل ڪرڻ، صوبائي خودمختياريءَ کي گهرو ۽ مضبوط ڪرڻ ۽ ميونسيپل سوشلز ۽ ڳوٺاڻين ڪو آپريٽيوز ذريعي اقتدار جي هيٺين سطح تائين منتقلي. ترقيءَ جو اهڙو طريقو جيڪو شراڪت سڀني کي شامل ڪرڻ ۽ جٽادار هجي، سو متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ پورهيت طبقو ۽ وچولو طبقو به شامل هجي، جنهن جي اوليت مسلط اشرافيا بجاءِ عوام جون ضرورتون هجن.

مذهب، ذات، پات، رنگ ۽ نسل کان مٿاهون ٿي سڀني شهرين جو هڪ جهڙو تحفظ، مينو فيڪچرنگ ۽ خدمت جي شعبي ۾ وڌائڻ ۽ سرڪاري خانگي شراڪت کي هٿي ڏيڻ، قدرتي وسيلن جو تحفظ ڪرڻ، پاڻيءَ جي وسيلن کي بهتر بڻائڻ، ماحول جو تحفظ ڪرڻ، متبادل توانائي جا ذريعا وڌائڻ، انساني وسيلن جي ترقيءَ تي ڌيان ڌرڻ ۽ فزيڪل انفرااسٽرڪچر کي هٿي وٺرائڻ، امن کي هٿي وٺرائڻ، گڏيل فائدي جي تعاون کي وڌائڻ ۽ خطي اندر ۽ خطي کان ٻاهر  پاڙيسرين سان تعلقات وڌائڻ، خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا سان لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، سڀني سان دوستي، دشمني ڪنهن سان به نه، واري پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ، جنگ جنگي جهيڙا، ڳجهي لڙائي، سرحد پار دهشتگردي ۽ هٿيارن جي ڊوڙ جي مخالفت ڪندي ايٽمي استحڪام يقيني بنائڻ، معلومات، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب مان فائدو حاصل  ڪرڻ ۽ معلوماتي معيشيت کي هٿي وٺرائن جي ضرورت آهي. ڪنهن سماجي جمهوري پارٽيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ اها ايجنڊا اختيار ڪرڻ گهرجي، سو ڏسجي ته بلاول ڇا ٿو ڪري..!

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے