18 جمعرات , جنوری 2018

ٺاروشاهه جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ عظيم راڳي ماسٽر چندر

شاهد حسين تيوڻو

سونهاري سنڌ جيڪا ڪيترن ئي درويش، بزرگن، عظيم انسانن عالمي شهرت ماڻيندڙ ڪلاڪارن جي ڌرتي  آهي. جنهن جي ثقافت ۽ تهذيب جا اهڃاڻ موهن جو دڙو ٻڌائي پيو ته ان وقت جي سنڌو سڀيتا جنهن جي ثقافت ۽ تهذيب به شاهڪار هئي جنهن مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته هر فن جو آغاز به هتان ئي ٿيو هوندو. پر جڏهن سنڌي موسيقيءَ جي ڳالهه ڪجي ته اها به هر دور ۾ سگھاري ۽ منفرد انداز ۾ نظر آئي آهي. سنڌي موسيقيءَ جي حوالي سان سنڌي فنڪارن پنهنجي سريلي آواز ۾ سنڌ ۽ هنڌ کان ٽپي سڄي دنيا ۾ پيار، محبت ۽ مڃتا ماڻي. جن به ڏاتارين سنڌي موسيقيءَ ۾ نالو ڪمايو  عالمي مڃتا حاصل ڪئي ان ڏات رکندڙ عظيم راڳين جي فهرست ۾ ماسٽر چندر جنهن جو نالو پڻ سونهري ۽ چٽن اکرن سان لکيل نظر ايندو. جنهن جا پڻ سنڌ ۽ هنڌ کان ٽپي سڄي دنيا ۾ پيار ۽ محبت جا گيت گونجيا.

هن عظيم ڪلاڪار ماسٽر چندر سنڌ جي سوني مٽيءَ ۽ ڊگھي تاريخ رکندڙ سهڻي سرسبز باغن واري شهر ٺاروشاهه جي ”ڏامواڻي حويلي“ منجھه پنهنجي والد شهر جي معزز واپاريءَ آسنداس جي گھر ۾ 7 ڊسمبر 1907ع ۾ اک کولي. ماسٽر چندر جنهن جو اصل نالو ناميار ليکڪ گو بند مالهيءَ چانڊو مل ٻڌايو آهي. برک راڳي ماسٽر چندر جنهن پنهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ماتر ڀومي ٺاروشاهه جي پرائمري اسڪول مان ورتي ۽ ان کانپوءِ ڏهين جماعت جو امتحان به لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ٺاروشاهه مان ئي پاس ڪئي جيڪو هن وقت گورنمينٽ پراونشلائيزد هاءِ اسڪول جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جي هن مهان راڳيءَ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پبلڪ ورڪس نالي (انجنيئرنگ) کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ پنجن سالن تائين نوابشاهه ۾ ملازمت ڪيائين. عظيم ڪلاڪار ماسٽر چندر کي پنج پٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو خدا تعاليٰ  اولاد عطا ڪيو جن مان سندس وڏو پٽ 16ورهن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ وري ٻيو پٽ جيڪو ٽئين درجي ۾ پڙهندڙ هو ته اهو به ان ئي سال 1945ع ۾ راهه رباني روانو ٿيو. باقي گوپ چندر، هير چندر ۽ مهيش چندر جيڪي پنهنجي والد محترم وانگر خوش اخلاق ۽ ان جي ورثي جا وارث آهن.

سر سنگيت جو هي راڻو فنڪار ماسٽر چندر جيڪو هڪ ئي وقت گھڻ رخي شخصيتن جو مالڪ هو. ننڍي هوندي کان ئي موسيقيءَ جو شوق رکندڙ ماسٽر چندر جنهن جي ڳلي ۾ قدرت واري اهڙو ته سريلو ۽ مٺڙو آواز رکيو جو سنڌ ۽ هنڌ ۾ هن جو آواز زور ۽ شور سان گونجڻ لڳو ۽ جڏهن هو گوڌرام جي جاءِ تي وڃي محفل مچائيندو هو ته هن جو آواز بنا ڪنهن لائوڊ اسپيڪر جي پري پري تائين گونجيدو هو. سنڌ جي هن سهڻي فنڪار پنهنجي استادن کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ان کانپوءِ 1933ع ۾ ماسٽر چندر باقائدي ڳائڻ واري فن جي شروعات ڪئي ۽ تمام ٿورڙي وقت ۾ هن جو نالو جهر جھنگ وستي واهڻ ۾ گونجڻ لڳو ۽ ان جو درد ڀريو آواز آسماني ستارن کي ڇهڻ لڳو. ماسٽر نه رڳو راڳي هو پر هڪ بهترين شاعر ۽ موسيقار پڻ هيو جنهن پنهنجن ڪيترن ئي گيتن جون خود ڌنون تيار ڪيون. اها ڪيڏي نه وڏي ڳالهه آهي جو هڪ ئي وقت ايتريون صلاحيتون هڪ ئي شخص ۾ هجن. جو شاعري به پاڻ ڪري ڌن به پاڻ تيار ڪري ۽ راڳ به خود ئي ڳائي ۽ اهي ئي گيت سنڌ ۽ هند جي جھر جھنگ ۾ گونججن پيا ۽ سندس شاعري ايتري ته سولي ۽ سهڻي جو هر ڪنهن فرد کي آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي ۽ ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ ته هو ان ماڻهو سان مخاطب ٿيندو هجي. ماسٽر چندر جنهن جو جڳ مشهور ڪلام ”رٺا ئي رهن پر هجن حياتي“ جيڪو اڄ ڏينهن تائين هر ٻچي ٻچي جي وات ۾ آهي ۽ اهڙا ڪيترائي درجنن جا درجن سدا بهار ڪلام جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڳايا وڃن ٿا. جن کي پڻ هند ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن ڳايو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماسٽر چندر جنهن جو ننڍي کنڊ ۾ 1933ع کان وٺي 1947ع تائين عروج رهيو.

جڏهن ننڍي کنڊن جو ورهاڱو ٿيو ته ان بي رحم وقت هن ننڍڙي شهر کان هن عظيم ڪلاڪار ماسٽر چندر جو وڇوڙو ڪيو. ۽ لڏپلاڻ واري چڪر ۾ ماسٽر چندر جيڪو پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جي شهر ٺاروشاهه کي ڇڏي هنڌ جي شهر راجن پور ڏانهن هليو ويو. پر هن ڀلوڙ فنڪار کي پنهنجي مٽيءَ جي هڳاءُ اتي به محسوس ٿيندو هئو ۽ ان جو پنهنجي ڌرتيءَ سان چاهه ايترو گهرو هو جو هي همراهه 1955 ع ڌاري نيٺ وري پنهنجي ڏيهه سنڌ ۽ پنهنجي اباڻي گهر ڏانهن آيو ۽ جڏهن هو سنڌ ۾ آيو ته ماڻهن وري موٽ ۾ اوتري ئي کيس محبت ڏني ته هن جو وري به پنهنجي شهر ۽ سنڌ سان چاهه وڌي ويو. وطن جي حب ۽ اڪير رکندڙ ماسٽر چندر زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ به سنڌ ۽ پنهنجي شهر کي ياد ڪندو هو.

ماسٽر چندر کي خدا تعالى موسيقيءَ جي فن سان اهڙي ته نموني نوازيو هو جو ڳائڻ وقت هو پاڻ وساري گيتن ۾ ئي گم ٿي ويندو هو ۽ هر لفظ ۾ اٿاهه محبت پيار ۽ جان وجهندو هو ۽ شاعري جي سمورن احساسن کي سُرن جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيندو هو شايد اهو ئي ان جي ڪاميابي جو راز به هو. جو هو ڏيهه توڙي پرڏيهه سنگيت جا ٻول ڳائي پنهنجي  پرستارن کي مست ڪري ڇڏيندو هو ۽ پرستار مدهوش ٿي ويندا هئا ۽ هر طرف محفل ۾ واهه چندر واهه لڳي پئي هوندي هئي ۽ سندس ڳايل مشهور گيتن کي ان جي مقبوليت ۾ اضافو ڪيو ان ۾ ڪجهه هي گيت آهن.

تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان ….

رُسُ نه رُسُڻَ ۾ ڇا هي راڻا.

سڪ ۾ سڪي کي نه سڪاءِ  پيارا.

رٺا ئي رهن پر هجن حياتي.

قسمت ڪئي جدائي ڪنهن تي ميار ناهي.

سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون.

سڪ ۽ سنگت جو يار سڳو ڪڏهن تون پيو ڇڪين ڪڏهن مان پيو ڇڪيان.

هيءَ لڪ ڇپ جي آ راند سڄڻ ڪڏهن مان پيو لڪان ڪڏهن تون پيو لڪين.

اهڙن ڪيترين گيتن، جن کي پنهنجي سريلي آواز ۾ هُن ڳائيو ۽ ڪيترائي انعام پڻ حاصل ڪيا هئا. ماسٽر چندر جيڪو ماضيءَ جو انمول  نه وسرندڙ لاڏلو ڪلاڪار ٿي گذريو آهي جيڪو پنهنجي سر جا سڀ ساز بند ڪري 3 نومبر 1984 ع تي سرحد پار اسان کان ۽ سنڌ کان هميشه هميشه لاءِ الوداع ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے