24 آچر , جون 2018

جرڳن هيٺ قتل ٿيندڙ سنڌي نياڻيون..!!

عزيز الله ناريجو

هٿرادو مڙهيل لاقانونيت جو آسمان سان سسي گسائيندڙ ڀوائتو راڪاس آدم بوءِ، آدم بوءِ ڪندو ڀالن جهڙن ڏندن سان خوفناڪ ٽهڪ ڏيندو، ڪشمور کان ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر تائين سنڌ جي ماڻهن جون جانيون ۽ مال، گهر گهاٽ، ڳوٺ ۽ وسنديون، عزتون، گذر جا وسيلا لتاڙيندو، چيڀاٽيندو، تباهه ڪندو وتي. عورت ذات ۽ ٻارڙن لاءِ هي دور جنسي قيامت جو دور بنجي ويو آهي. سنڌ ۾ هٿرادو نموني پکيڙيل قبيلائي ڦرلٽ ۽ خونريزي جي اصليت کي ٻن پوشن ۾ لڪايو ويو آهي. هڪڙو پوش آهي، ڌاڙيلن جي ڌاڙن جو، ٻيو آهي قبيلائي جهيڙن جو. اصل حقيقت اها آهي ته ڌاڙيلن کي به سرڪاري سرپرستي آهي ۽ قبيلائي جهيڙا ۽ مارا ماريون ڪرائيندڙن کي به سرڪاري سرپرستي، ٻئي سنڌ دشمنن جو ڏسيل ڌنڌو پيا ڪن. ٻنهي ڌنڌن جو مقصد اهو آهي ته سنڌي ماڻهن جو ساهه سدائين سوريءَ تي ٽنگيل رهي. قبيلائي نظام هڪڙو تمام پراڻو نظام آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ روءِ زمين تي ڇانيل هو ۽ هزارين سال گذرڻ باوجود اڄ به دنيا جي ڳچ پٺتي پيل علائقن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم آهي. ان جي قائم رهڻ جو مکيه سبب اهو آهي جو دنيا جي اڪثر ملڪن تي سرمائيداري سامراجين جو سڌو ۽ اڻ سڌو قبضو آهي، جيڪي دنيا جي ڪروڙين ماڻهن کي غلام ۽ ذري گهٽ غلام بنائي، سندن انساني ۽ قدرتي وسيلا ڦرين لٽين ٿا. هو نٿا چاهين ته دنيا جي غلام ملڪن جا ماڻهو آزاد، باخبر، سمجهو، سجاڳ ۽ هوشيار ٿي پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي جان ۽ سندن انساني ۽ قدرتي وسيلا ۽ دولتون بچائڻ لاءِ ڪا جدوجهد ڪن.

اها ڳالهه سندن واسطي ضروري آهي ته ماڻهو نسل پرستي، فرقي پرستي ۽ جاگيرداري نظامن جهڙن مدي خارج وحشي ۽ انسان دشمن سماجي نظامن جي گهاڻن ۾ پيسجندا رهن. ماڻهن وانگر ڪنڌ مٿي کڻي نه هلي سگهن ۽ ڌرتيءَ تي پنهنجي پتيءَ جا حق ۽ وسيلا حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجون خوشيون ۽ پنهنجون عزتون ماڻڻ جي سڌ ئي نه ڪري سگهن. سدائين هڪ ٻئي جا ٻوٿ پٽيندا رهن. خون جي پياسي لالچي ٽولي جي اڳيان ليلڙاٽ ڪندا، سندن جتين تي پيل رهن. پنهنجن پوين لاءِ رت جي پلاندن جو ڀوائتو ورثو ڇڏي، جهنگلي جانورن واري زندگي پوري ڪري قبرن ڀيڙا ٿي وڃن  سنڌ صوفين، درويشن،ساڌن ۽ سنتن جي ڌرتي آهي.جتي هميشه پيار امن دوستي ۽ ڀائچاري جا درس ڏنا ويندا هئا ذات پات کان هٽي ڪري انسان ذات جو نعرو بلند ڪندڙ اسان جي سنڌ جا اهي عظيم صوفي بزرگ جن مذهبن کي ملائي فرقن کي ختم ڪيو ذات پات جي اونچ نيچ کي دفن ڪري انسان ذات کي هڪ ئي ڌاڳي ۾ پروڙي ڇڏيو اهو انسانيت وارو ئي درس هو جن ملن، مولوين،
پنڊتن، پادرين، سردارن، نوابن ۽ غلامن کي احساس ڏيارو ته انسان جو وجود ئي خدا جي وحدانيت جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي ڇو ته خدا جو اهو فرمان ته مان توهان جي نهن کان به وڌيڪ توهان جي ويجهو آهيان مان مراد ته انسان کي پنهنجو رب ايترو ته ويجهو آهي جيترو انسان تصور ڪري سگهي ٿو انسان جي دل ۾ ئي خدا سمايل آهي جيڪڏهن جو پنهنجي دل کي خدا جو گهر سمجهي ان ۾ نفرت، ويڇا،گلا ۽ غيبت بدران پيار محبت سچائي ۽ برداشت جو ٻوٽو پوکي ۽ مالڪ حقيقي جي تصور ۽ ان جي ذڪر ۽ فڪر سان انهي ٻوٽي جي آبياري ڪري ان مان جيڪي گل ڦٽي نڪرندا سي هن ڌرتي ۽ان تي رهندڙ انسان ذات لاءِ اهڙي هٻڪار بڻجي ويندا جنهن جي خوشبو سان انسانيت کي هڪ نئون وجود ملي سگهي ٿو پر ان لاءِ شرط اهو ئي آهي ته انسان پهريان ئي پاڻ کي سڃاڻي ۽ پنهنجي وجود کي پروڙي ڏسي پر اڄ جو انسان خدا جي خوف کان وانجهيل آهي ڪوڙي انا ۽ خود فريبي سندس وجود کي بي پاڙي جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي جتي قانون ٻوڙو۽ گونگو هجڻ سان گڏ منڊو ۽ ٽنڊو به هجي ته اتان جو سماج انارڪي جي ڪهڙين حدن تائين پهچي سگهي ٿو اهو ڏسڻ لاءِ اسان جي سنڌ دنيا اڳيان هڪڙو مثال آهي روزانو قبيلائي جهيڙن ۾ ڪيترائي گهر ويران ٿيو ٿا وڃن ڪيترائي معصوم ٻارڙا يتيم ۽ عورتون بيواهه ٿيو ٿيون وڃن اهي ٻارڙا جن جي عمر اڃا راند روند جي هجي ٿي تن کي ڊوڙائي ڊوڙائي گولين جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو.

آخر انسانيت جو خون وهائيندڙن جي اهڙي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ ڪير اٿندو؟ جيڪو انهن اٻوجهه ماڻهن کي سمجهائي ته توهين جن پيرن،ميرن ۽ سردارن تان سر گهوري پنهنجي قبيلي جي ڪوڙي ناموس لاءِ هڪ ٻئي جو ناحق خون وهائي ٿا ڇڏيو خدارا ڪجهه هوش ڪريو پنهنجن ٻچن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيارو نه ڪي انهن کي ننڍڙي عمر ۾ هٿيار کڻڻ سيکاريو پنهنجا ڳوٺ ڳليون ۽ وٿاڻ آباد ڪريو،ڦر لٽ ڪندڙ پيرن،سردارن ۽ جڙتو رئيسن جي چوڻ ۾ اچي هڪ ٻئي جو ناحق خون نه ڪريو. ڪير آهي جيڪو اهڙو عَلم بلند ڪري، ته عبدالرحيم گرهوڙي جي اها اڳ ڪٿي سڀني سنڌ واسين کي ياد ڏياري وڃي، جنهن ۾ هن لکيو ته سنڌ کي ڪنڌاران لڳندي اڄ اسان جي چوڌاري ڪنڌاري يلغار ٿيندي پئي وڃي ۽اسين پنهنجي جيجل ماءُ سنڌڙي جي حفاظت ڪرڻ بدران ۽ هڪ سنڌي قوم بڻجڻ بدران ذات پات ۽ اونچ نيچ جهڙي نه سلجهندڙ سُٽ کي سلجهائڻ ۾ لڳا پيا آهيون پنهنجا ڳوٺ اجاڙي رهيا آهيون اسين پنهنجن ئي مستقبل جي معمارن کان تعليم ۽ قلم جهڙو هٿيار کسي انهن کي جاهل،مجرم ۽ محڪوم بڻائي رهيا آهن اسين هڪ ٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پنهنجي چوڌاري بيٺل دشمن کي ڄڻ ته دڳ ڏيئي رهيا آهيون اسان بک ۽ بد حالي جي هن دور ۾ بکون ڪاٽي پنهنجي ٻچن جي وات مان گرهه کسي هٿيار ۽ بارود خريد ڪري رهيا آهيون اسين پلاند ڪري ڏاڍا سُرها ٿا ٿيون، معصوم ٻارڙن کي يتيم بڻائي،ونين کان پنهنجا ور کسي ۽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري اسين خوشي وچان فائرنگ ٿا ڪريون. قوم جي ويري سردارن،جاگيرادرن پيرن ۽ رشوت خور آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته هنن سنڌ سان آخر اهڙ ڪم ڇو ڪيو آهي نالي ماتر سردارن ۽ ڀوتارن پنهنجون عدالتون لڳائي جِرڳائي نظام کي قائم ڪري پنهنجو تسلط قائم ڪري مسڪين ۽ غريب ڳوٺاڻن کي هيسائي پنهنجي کوکلي سرداري نظام کي عدالتن مٿان حاوي ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙا فيصلا ڪندي کين ڪو احساس ۽ ڪهل به ڪو نه ٿو اچو ته جيڪڏهن هڪ ڌر 10 خون ڪري ٿي ۽ ٻي ڌر 9 خون ڪري ٿي ته 9 خون 9 خونن ۾ پاڙي باقي هڪ خون جو ڏنڊ رکيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو توهان جو ٺاهه ٿي ويو. او چڱا مڙس 19 گهر اجڙي ويا تون انهن لاءِ ڪجهه ڪو نه سوچيو اهي بي گناهه ۽ واٽ ويندي جيڪي ماريا ويا تن جو عيوضو ٻين خونن ۾ تو پاڙي ڇڏيو هي تنهنجي ڪهڙي عدالت آهي. ٿورو گهڙي کن لاءِ سوچيو ته جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ پاڻ کي عدل ۽انصاف جو عَلم بردار سڏائيندڙ سرپنچ اهڙا جرڳا ڪندا ۽ جيڪڏهن انصاف ڪندڙن جي حد اها آهي ته پوءِ ڏوهاري، مجرم ۽ هڪ جابر جي انتها ڇا هوندي اسان کي هاڻي قبيلائي سوچ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو اسان کي هڪ قوم ٿيڻو پوندو جيڪا پنهنجي قديم سنڌو ندي تي راتاها هڻندڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي،جيڪا سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙن جي ارادن کي پاش پاش ڪري ڇڏيندي جيڪا سردارن، جاگيردارن،ميرن ۽ پيرن جي چنگل مان آزاد ٿي پنهنجي نسلن کي باوقار سنڌي قوم جو درجو ڏياريندي جيڪا قوم شاهه،سچل،۽ سامي جي هن ڌرتي تي امن جي پکيڙن کي پاليندي ۽ نپائيندي اچو ته وچن ڪريون اچو ته وچن ڪريون، سنڌ ۾ مهذب سماج جي نئين سر اڏاوت ڪري پنهنجو قومي فرض نڀائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے