16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

”ڌيءُ بازياب ڪرائي ڏيو“: سکر ۾ پيرسن جوڙي جو احتجاج

سکر (ن ع آ) پنج سال اڳ اغوا ٿي ويل نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ شڪارپور ضلعي جي ڳڙهي ياسين لڳ ڳوٺ مور چانڊيو جي رهواسي پيرسن جوڙي گل بهار چانڊيو ۽ اقراءَ چانڊيو سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته ڳڙهي ياسين تعلقي سان تعلق رکندڙ ڌاڙيل سرور عرف سرو چانڊيو ٻين جوابدارن پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي پنج سال اڳ شڪارپور شهر ۾ پڙهندڙ نائين درجي جي شاگردياڻي شبروز چانڊيو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا جڏهن ته واقعي جو ڪيس جوابدارن خلاف داخل ڪرائڻ سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ ۾ نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن تي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو هو ته شبروز چانڊيو کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پر پنج سال گذري ويا آهن نياڻيءَ کي عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي اسان سان ملاقات ڪرائي پئي وڃي جنهن ڪري اسان کي شڪ آهي ته جوبدارن شبروز چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سندن معصوم نياڻيءَ کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا جي ادارن تي حملا، ضمني چالان ۾ فاروق ستار ڏوهاري قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس 22 آگسٽ 2016 تي ٿيل چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا جي ادارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے