16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

خيرپور ۾ اوستا گاهي جي رهواسين پاران بنيادي سهولتن خلاف دلا ۽ ڪولر کڻي احتجاج

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي اوستا گاهي پاڙي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ، نالين جو گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهجي ويو، گيس جي اڻهوند ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ واري عمل خلاف اوستي گاهي پاڙي جي رهواسين پنهنجي هٿن ۾ دِلا ۽ ڪُولر کڻي امن ڪاميٽي خيرپور جي چيئرمين يار محمد مڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسين اخبار وارن کي ٻڌايو ته اوستو گاهي پاڙو 500 کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل آبادي وارو علائقو آهي جيڪو گذريل 8 سالن کان وٺي بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي اوستي گاهي پاڙي جي رهواسين ڪنهن سرڪاري زمين تي قبضو ڪري پنهنجا گهر ناهن اڏيا پر انهن پنهنجن پئسن عيوض ملڪيتون وٺي رهائش اختيار ڪئي آهي پر ان جي باوجود اوستي گاهي پاڙي کي ميونسپل ڪميٽي جي دائري ۾ هجڻ باوجود سمورين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي پاڙي جا رهواسي صبح جي وقت پنهنجن پنهنجن ڪمن تي وڃن ٿا ۽ واپسي وقت انهن کي ياد ته ڏورانهن علائقن مان پيئڻ جو پاڻي ڀري اچڻو پوي ٿو يا وري اُهي پئسن عيوض پاڻي خريد ڪري پيئڻ تي مجبور بڻيل آهن ڇوته ڊرينيج جو بهتر نظام نه هئڻ ڪري ڏينهن ۾ فقط هڪ ڪلاڪ پاڻيءَ هي فراهمي ٿئي ٿي پر اهو پاڻي پيئڻ جي لائق نه هجڻ ڪري هتان جا رهواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن جڏهن ته ڪجهه معصوم ٻارڙا پڻ انهن بيمارين سبب فوت ٿي چڪا آهن. هنن چيو ته اوستي گاهي پاڙي ۾ قائم قديمي درگاهه شاهه وريل شاهه تي پڻ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت موجود نه آهي جنهن ڪري درگاهه تي ايندڙ زائرين کي پڻ شديد ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو جڏهن ته هن وقت تائين پاڙي جا رهواسي گيس جي سهولت کان محروم بڻيل آهن توڙي جو اوستو گاهي پاڙو گيس جي فراهمي کان 900 فوٽن جي دوريءَ تي آهي ان جي باوجود انتظاميه طرفان پاڙي جي رهواسين کي گيس جي فراهمي لاءِ ڪي جوڳا بندوبست ناهن ڪيا ويا جنهن ڪري رهواسي ڪاٺين تي ۽ رٻڙ ٻاري رڌ پچاءَ وارو ڪم ڪري رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اوستو گاهي پاڙي ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو پڻ آزار آهي ايتري لوڊشيڊنگ ڳوٺن ۾ به ناهي ڪئي ويندي جيتري اوستي گاهي پاڙي ۾ ڪئي وڃي ٿي. هنن ضلعي انتظاميه توڙي وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اوستي گاهي پاڙي جي رهواسين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا جي ادارن تي حملا، ضمني چالان ۾ فاروق ستار ڏوهاري قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس 22 آگسٽ 2016 تي ٿيل چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ ميڊيا جي ادارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے