16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ششي ڪپور جون ڀارتي سئنما لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون: ڪترينا ڪيف

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف چيو آهي ته ڪلاسڪ سينما جي لازوال ۽ ليجنڊ اداڪار ششي ڪپور جون ڀارتي سينما لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪارا ڪترينا ڪيف ٽوئٽر تي ششي ڪپور لاءِ خراج عقيدت شيئر ڪندي چيو ته ڪلاسڪ سينما جي لازوال ۽ ليجنڊ اداڪار ششي ڪپور پنهنجي انمول يادن سان گڏ اسان کي ڇڏي ويو آهي، ششي ڪپور اسان لاءِ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ رستو ڏيکاريندڙ هو ۽ ان جي ڀارتي سينما ۾ اثرائتون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون ۽ اسان لاءِ هميشه مشعل راهه رهنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسڪر ايوارڊ لاءِ پاڪستاني فلمن جي نامزدگي تمام وڏي ڪاميابي آهي: سهائي علي ابڙو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سهائي  علي ابڙو چيو آهي ته آسڪر ايوارڊ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے