26 اربع , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز | سم سور هڏي ۾ ڳوٺاڻن بٺا مالڪن جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو

سم سور هڏي ۾ ڳوٺاڻن بٺا مالڪن جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺ بچل لغاري جي رهواسين نظير لغاري، سليم شيخ ۽ حسين بخش سولنگي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ڳوٺ ڀرسان بٺا مالڪ سرون پچاڻ لاءِ ڪاٺ ٻارڻ بدران ڪپڙو ۽ گند ڪچرو ساڙي رهيا آهن، جنهن سبب سندن ڳوٺ ۾ آلودگي پکڙجي وئي آهي،

هنن چيو ته زهريلي دونهين سبب ڳوٺ جا ڪيترائي معصوم ٻار ۽ پيرسن پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته هنن ڪيترائي ڀيرا بٺا مالڪن جي اهڙ عمل خلاف احتجاج ڪيو آهي، پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن ميونسپل انتظاميا کان گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي بااثر بٺا مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري گند ڪچرو ۽ ساڙڻ کان روڪي ڳوٺاڻن کي موذي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Protest by stp against building kalabagh dam

نيوز: خيرپور: ايس ٽي پي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به ڪالاباغ ڊئم خلاف  ٻئي ڏينهن بھ احتجاج

* خيرپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے