16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

شاداب خان کان ڇهين نمبر تي بيٽنگ ڪرائي وڃي: ڊين جونز

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي هيڊ ڪوچ ڊين جونز چيو آهي ته شاداب خان باصلاحيت رانديگر آهي کيس وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي ڊين جونز جو چوڻ هو ته پرڏيهي رانديگرن جي نه اچڻ سان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو آهي، پر پي ايس ايل ۽ پرڏيهي ڪوچن پاڪستاني ٽيم جي قسمت ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پي سي بي طرفان نون سليڪٽرن ۽ ڪوچن جي مقرري سان پاڪستاني ٽيم ۾ تبديلي آئي، جڏهن ته پي ايس ايل به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊين جونز چيو ته شاداب خان غيرمعمولي رانديگر آهي کيس موقعو ڏنو وڃي ته هو بيٽنگ ۾ به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندو. هن تجويز ڏيندي چيو ته شاداب خان کان ڇهين نمبر تي بيٽنگ ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽين ليگ: بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي هارائي ڇڏيو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي ٽئين ميچ ۾ بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے