16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ٿَڌ ۾ چهري جي سونهن برقرار رکڻ لاءِ گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي چهري تي به خشڪي ٿي ويندي آهي، جنهن سان نه رڳو چهري جي سونهن متاثر ٿيندي آهي پر ٿڌي هوا گُهلڻ سبب چهري جي کَلَ به ڦاٽي پوندي آهي، جنهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ توهان دڪانن تان ڪريمون، لوشن ۽ ٻيون ڪيميڪلز واريون شيون استعمال ڪندا آهيو، جيڪي چهري کي فائدو ته پهچائينديون آهن پر ڪجهه ڪيميڪل چهري کي نقصان به پهچائيندا آهن، جيڪو يقينن توهان لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو پر اسان توهان کي ڪجهه اهڙا گهريلو نُسخا ٻڌائي رهيا آهيون، جن تي عمل ڪري توهان بنا ڪنهن نقصان جي چهري جي سونهن برقرار رکي سگهو ٿا.

1: کير ۽ ماکي کي هڪ – هڪ چمچو ملائي اهو پيسٽ استعمال ڪيو، توهان جي چهري تي قدرتي نکار پيدا ٿيندو.

2: گلاب جي پاڻي ۾ ماکي ملائي استعمال ڪرڻ سان به چهرو نرم ۽ ملايم رکي سگهجي ٿو.

3: هڪ بيضي جي زردي ۾ هڪ چمچو زيتون جو تيل ملائي چهري تي لڳايو، توهان کي سازگي محسوس ٿيندي.

4: جسم تان خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ڀريل بالٽي ۾ هڪ چمچو لوڻ وجهي وهنجڻ سان خشڪي ختم ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياري ۾ خشڪي کان پاڪ جلد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي مند شروع ٿيندي ئي جسم جي کَل توڙي چپ خشڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے