25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز: سنڌ جي خوشحالي تعيلم سان ئي ممڪن آهي: عبدالجبار مري

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر عبدالجبار مري چيو آهي ته سنڌ جي خوشحالي تعيلم سان ئي ممڪن آهي، والدين کي گهرجي ته پنهنجن ٻارن کي پڙهائي قوم جو مستقبل سڌارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

نصيرآباد جي ڳوٺ سوني جويو ۾ سيف جي سهڪار سان ھلندڙ زندگي ماڊل اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ سيف جو  ڊائريڪٽر عبدالجبار مري، سينيئر صحافي الابخش قريشي ۽ عنايت چانڊيي سميت ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي سيف جي ڊائريڪٽر عبدالجبار مري جو چوڻ هو ته سوني جويو جھڙي پٺ تي پيل علائقي ۾ جديد طرز تي ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيندڙ ھي اسڪول انمول تحفو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهڙي قسم جا اسڪول قائم ٿيڻ سان ئي سنڌ جو مستقبل سنواري سگهجي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته اسان وٽ تصورن جي کوٽ آهي، اسان کي واپڊا جي ڪلارڪي، ٿاڻي جي صوبيداري ۽ پرائمري ماستري حاصل ڪرڻ وارا خواب ترڪ ڪرڻا پوندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي وڏا تصور زهن ۾ رکي مستقبل جو جسٽس، ڪليڪٽر ٿيڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي.

سيف ڊائريڪٽر عبدالجبار مري چيو ته سيف جي ڪوشش آھي ته ھر ڏورانھين علائقي ۾ جديد طرز تي اسڪول قائم ڪري ٻارن کي بهتر تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

ھن چيو ته سوني جويو اسڪول جا ٻه شاگرد عبدالقدير خان يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اسڪالرشپ تحت مفت اعليٰ تعليم پرائي رھيا آھن، جڏھن ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف علائقن مان سيف جي اسڪولن جا 49 شاگرد عبدالقدير خان يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تعليم پرائي رھيا آھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

LiaqatAli, Khairpur

نيوز | خيرپور: ضلعي ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي حاضري وڌائڻ لاءِ مهم هلايون پيا: لياقت علي

 خيرپور ضلعي پرائمري بابت ايجوڪيشن آفيسر  لياقت علي خاصخيلي چيو ته  هو خيرپور ۾ ٻارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے