16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

آمريڪي سفارتخاني جي يروشلم منتقلي ”مسلم دنيا“ خلاف نئين رٿابندي آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني آمريڪا طرفان يروشلم کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪرڻ واري امڪاني اعلان کي ”مسلم دنيا“ خلاف نئين رٿابندي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  ايراني صدر جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پيغام موجب اڄ دشمنن مسلمانن خلاف هڪ نئون منصوبو شروع ڪيو آهي ۽ هنن قدس (يروشلم) جي آزادي جي عظيم مقصد کي نشانو بڻايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تهران ۾ ٿيل ٽن ڏينهن واري اسلامي يڪجهتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. حسن روحاني جو چوڻ هو ته قدس مسلمانن ۽ فلسطين جو آهي، اها اهڙي جاءِ ناهي، جتي ڪير ماڻهن جي سوچ ۽ جذبن خلاف بيهڻ جي ڪوشش ڪري. اها خطي ۾ عالمي تڪبر جي نئين مهم آهي. هوڏانهن فلسطينين ان عمل کي وچ اوڀر ۾ امن لاءِ موت قرار ڏنو آهي. اطلاعن موجب آمريڪا جون اعليٰ اختياريون پرڏيهي وزارت کي حڪم ڏينديون ته آمريڪي سفارتخاني کي تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ان فيصلي جي تصديق جو به امڪان آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام کي انصاف نه پيو ملي، سڌارن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪوڙين صحيحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے