25 سومر , جون 2018

آمريڪي سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي سان مسلم دنيا کي ناڪاري پيغام ويندو: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آمريڪي سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ سان مسلم دنيا کي ناڪاري پيغام ويندو، اهڙي فيصلي سان وچ اوڀر ۾ امن کي نقصان پهچندو. آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي واري معاملي تي ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته پاڪستاني حڪومت کي ان امڪاني فيصلي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، ڇو ته ان جا نه رڳو اسرائيل ۽ فلسطين پر سڄي مسلم دنيا ۾ ناڪاري نتيجا نڪرندا. سندس چوڻ هو ته پ پ سدائين فلسطيني عوام جي حقن جي حمايت ڪندي انهن سان گڏ بيٺي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kalabagh Dam should not cost national security: Shahbaz Sharif

ڪالاباغ ڊيم قومي سلامتي جي قيمت تي نه ٺهڻ گهرجي: شهباز شريف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے