19 اربع , سيپٽمبر 2018

امن امان کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پهريون ڀيرو پارليامينٽ ۾ پائيدار ترقي تي ڌيان سان ڪم ٿي رهيو آهي، پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني علائقن مان ميمبر رکيا آهن، امن امان کانسواءِ ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اسپيڪر جي اڳواڻي ۾ سڀني پارٽين جي ميمبرن سان گڏجي هڪ سيڪريٽريٽ ٺاهي، رائٽ ٽو انفارميشن بل تي گهڻو ڪم ڪيو آهي، هاڻ ڪنهن به قسم جي ڄاڻ وٺي سگهجي ٿي، جڏهن به پاڪستان ۾ جمهوريت جو سفر بيٺو، پائيدار ترقي کي نقصان پهچندو. سندس چوڻ هو ته ترقي جو اصل راز امن ۽ استحڪام آهي، پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڊيٽا ۽ اطلاعن کانسواءِ ڪو به منصوبو عمل جوڳو نٿو ٿي سگهي، هر سطح تي احتساب ڪرڻو هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan, who was trying to create a new Pakistan, has seen all this: Qamar Zaman Kaira

نواز شريف کي سدائين رليف ملندو رهيو، اڄ به ملي ويو: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي اندازو هو ته اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے