16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

فاروق ستار جيان ٻئي هنڌ سنڌي ۽ ڪراچي ۾ مهاجر نه بڻجندس: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته چيو آهي ته سنڌ جي شهرن جون حالتون ڪهڙيون آهن؟ ٿر ۾ 6 ٻار مئا، ڇا اهڙي صورتحال ۾ ثقافتي ڏينهن جون واڌايون ڏئي سگهان ٿو. پي ايس پي جي اهتمام هيٺ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڀ کان وڌيڪ ٻار سنڌ ۾ مرندا آهن، صوبي ۾ 17 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن، هٿيارن جي ڇانوَ ۾ ڪير به ثقافتي ڏينهن نٿو ملهائي سگهي، ثقافتي ڏينهن ۽ تهوار ملهائڻ دوران سوچڻو آهي ته سنڌ جو عوام ڪهڙي حال ۾ آهي، جنهن ڏينهن سڀ ضرورتون پوريون  ٿيون مان به جهمر هڻندس. هن چيو ته مان فاروق ستار جيان ٻئي هنڌ سنڌي ۽ ڪراچي ۾ مهاجر نه بڻجندس، اهي هتي چون ٿا نئون صوبو ٺاهينداسين ۽ هتي چون ٿا نه ٺاهينداسين. واضح رهي ته پي ايس پي آفيس ۾ ٿيل ثقافتي تقريب ۾ انيس قائمخاني ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام کي انصاف نه پيو ملي، سڌارن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪوڙين صحيحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے