16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڪينگروز تاريخي ميچ ۾ انگلينڊ کي 120 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ٽيم ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 120 رنسن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ايشز جي تاريخ جي پهرين ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن مهمان انگلش ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 178 رنسن جي ضرورت هئي، جڏهن ته ڪينگروز کي 6 وڪيٽون گهربل هيون. انگلينڊ پنهنجي رهيل چئن وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسن کان شروع ڪئي ته ڪپتان روٽ 67 ۽ ووڪس 5 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. راند جي شروعات ۾ ئي انگلش ٽيم کي وڏو ڌَڪ ان وقت لڳو، جڏهن روٽ ۽ ووڪس آخري ڏينهن بنا ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته معين علي به رڳو ٻن رنسن جو مهمان ثابت ٿيو. انگلينڊ جو آئوٽ ٿيندڙ اٺون رانديگر اوورٽن هو، جنهن 7 رنسون ٺاهيون، اسٽيورٽ براڊ به 8 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته جوني بيئراسٽو جي اننگز 36 رنسن تي ختم ٿي وئي. اهڙي ريت 354 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ جي سڄي ٽيم 233 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ڪينگروز ميچ ۾ 120 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي ماڻي ورتي. آسٽريليا طرفان ٻي اننگز ۾ مچل اسٽارڪ بهترين بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون. ميچ جو بهترين رانديگر شان مارش کي قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽين ليگ: بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي هارائي ڇڏيو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي ٽئين ميچ ۾ بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے