16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڊوپنگ اسڪينڊل: روس جي ونٽر اولمپڪس ۾ شرڪت تي پابندي

سوئٽزرلينڊ (اسپورٽس نيوز) ڊوپنگ اسڪينڊل جي جاچ کانپوءِ ونٽر اولمپڪس 2018ع ۾ روس جي شرڪت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. 2014ع ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ڊوپنگ جو الزام سامهون اچڻ کانپوءِ انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي جاچ شروع ڪئي هئي، 17 مهينن جي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اولمپڪ ڪميٽي گذريل ڏينهن روس خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌايو. انٽرنيشنل اولمپڪ ڪميٽي روسي اولمپڪ ڪميٽي کي به معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايندڙ سال ٿيندڙ ونٽر اولمپڪس ۾ روس جي شرڪت تي به پابندي لڳائي وئي آهي پر اهڙا روسي رانديگر، جيڪي ڊوپنگ ۾ ملوث نه هئا، انفرادي طور مقابلن ۾ حصو وٺي سگهندا. جيڪڏهن روسي ايٿليٽن ٻلا کٽيا پوءِ به ميڊل ٽيبل تي روس جي ٻلن جو انگ ٻڙي رهندو. واضح رهي ته ونٽر اولمپڪس رانديون ايندڙ سال فيبروري ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽين ليگ: بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي هارائي ڇڏيو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي ٽئين ميچ ۾ بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے