21 خميس , جون 2018

عوامي آواز نيوز | سکر ۾ پيرسن عورت جو اغوا ٿيل ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاج

سکر ۾ شڪارپور واسي پيرسن عورت هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڌيءَ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو.

مسمات گلبهار چانڊيو پريس ڪلب اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 5 سال اڳ جوابدار سندن گهر تي حملو ڪري هٿيارن جي زور  ٿي ڌيءَ کي اغوا ڪري کڻي ويو، جنهن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو ناهي.

سندس چوڻ هو ته  جوابدار سرور عر سرو خلاف پوليس کي دانهن ڏني، پر پوليس اڃا تائين ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو.

هن چيو ته جوابدار ڪچي ۾ ڌاڙيل آهي، جنهن خلاف پوليس ڪارروائي ڪرڻ کان خطو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي.

احتجاج ڪندڙ عورت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري سندس ڌيءَ کي بازياب ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي…………………….

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tharu Shah: Protest against the justice for brutally murdered man

نيوز: ٺاروشاھ: بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج

*ٺاروشاھ  ويجهو بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے