16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

دهلي ٽيسٽ بنا نتيجي ختم، سيريز 0-1 تان ڀارت جي نانءُ

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڌنانجا ڊي سلوا ۽ روشن سلوا ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ڀارت کي ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ فتح کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي پر ميزبان ٽيم سيريز 0-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. دهلي ٽيسٽ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن سريلنڪن ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 31 رنسن کان پنهنجي رهيل اننگز شروع ڪئي ته مهمانن کي ڪاميابي لاءِ 379 رنسن جي ضرورت هئي. ڏينهن جي شروعات ۾ ئي ميٿيوز پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو. 35 رنسن تي چار وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ ڊي سلوا ڪپتان دنيش چندي مل سان گڏجي پنجين وڪيٽ لاءِ 112 رنسن جي قيمتي ڀائيواري قائم ڪئي ۽ ٽيم جو مجموعي اسڪور 147 تائين پهچائي ڇڏيو، ان موقعي تي 36 رنسون ٺاهيندڙ سريلنڪن ڪپتان به آئوٽ ٿي ويو ۽ ڌنانجا ڊي سلوا جو ساٿ نڀائڻ لاءِ روشن سلوا ڪريز تي آيو، ٻنهي 58 رنسن جي پارٽنر شپ سان اسڪور 205 تائين پهچائي ڇڏيو، ان موقعي تي 119 رنسن جي شاندار اننگز کيڏندڙ ڌنانجا ڊي سلوا رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ روشن سلوا ۽ نروشن ڊڪويلا ڪريز تي ڄمندي راند جي پڄاڻي تائين وڌيڪ ڪا به وڪيٽ ڪرڻ نه ڏني. سريلنڪا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 299 رنسون ٺاهي ميچ جي بنا نتيجي پڄاڻي ڪئي. ورات ڪوهلي کي سيريز ۾ ٻه ڊبل سينچرين جي مدد سان 610 رنسون ٺاهڻ تي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽين ليگ: بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي هارائي ڇڏيو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي ٽئين ميچ ۾ بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے