18 جمعرات , جنوری 2018

مسلم ليگ ن جي حڪومت ملڪ ۾ جمهوريت خاطر هڪ جمهوري اتحاد چاهي ٿي: ميان جاويد لطيف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ قومي اسميبلي جي ميمبر ميان جاويد لطيف چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومت ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ هڪ جمهوري اتحاد چاهيون ٿا. تفصيل موجب هڪ انٽرويو ۾ جاويد لطيف جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻ گهرجي. جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪئي ۽ انهن ڏينهن دوران ٻنهي پارٽين جمهوريت لاءِ قربانيون به ڏنيون. هن چيو ته اسان ذاتي مفاد لاءِ ته ڪنهن قسم جو ڪو اتحاد نٿا چاهيون پر ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهو اتحاد چاهيون ٿا. سياسي پارٽين کي پنهنجي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ۽ قومي مفاد لاءِ پنهنجون بهتر خدمتون پيش ڪرڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے