25 سومر , جون 2018

سوات ۾ آپريشن دوران مولوي فضل الله جي ٻن ساٿين جي مارجڻ جي تصديق

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ آپريشن رد الفساد ڪاميابي سان جاري آهي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سوات ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي گهربل ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز سوات جي علائقي جهان آباد ۾ خاص انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ گهربل دهشتگرد اسد عرف انس ۽ وهاب مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن کي مالا ڪنڊ ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ تي ٽريس ڪيو ويو ڳجهن ادارن کي انهن ٻنهي دهشتگردن جا افغانسنتان مان اچڻ جا اطلاع مليا هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ٻن مددگارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Announcement of the wealth of more billion rupees in the UK of Sharif family

شريف خاندان جي برطانيا ۾ وڌيڪ اربين رپين جي ملڪيت هئڻ جو انڪشاف

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) هڪ برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف خاندان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے