25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بيت المقدس وارو معاملو: پاڪستان به آمريڪي فيصلي جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان آمريڪا طرفان پنهنجو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ واري تڪراري فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته اهڙن قدمن سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جون ڪوششون متاثر ٿينديون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي آمريڪي سفارتخاني بيت المقدس منتقل ڪرڻ وارين خبرن تي ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان آمريڪا جي اهڙي هر قدم جي مخالفت ڪري ٿو.  پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا بيت المقدس جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪري، ڇو ته آمريڪا جي اهڙن قدمن سبب نه رڳو علائقائي امن ۽ سلامتي جي ڪوشش متاثر ٿيندي پر وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي ڪوششن کي به نقصان پهچندو. ترجمان موجب اهڙو قدم ان معاملي تي عالمي اتفاق راءِ سان هٽيل آهي،  آمريڪي فيصلو عالمي قانون ۽ سلامتي ڪونسل جي ٺهراءُ جي ڀڃڪڙي هوندي.  پاڪستاني پرڏيهي کاتي طرفان وڌيڪ چيو ويو ته آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي جي حوالي سان او آءِ سي جي حتمي پڌرائي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے