26 جمعرات , اپریل 2018

ڪراچي لاءِ چئني صوبن کان الڳ پاڻي گهرجي، عدالت کي ڪي فور منصوبي ۽ ٿر ۾ آر او پلانٽن بابت آگاهه ڪيو: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي لاءِ چئني صوبن کان الڳ پاڻي گهرجي، ڪي فور منصوبي جي باري ۾ سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي ٿر ۾ آر او پلانٽن بابت به آگاهه ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منصوبن تي ڪم جاري آهي پر وقت گهرجي ٿو، سي سي آءِ ۾ منهنجو رڳو هڪڙو ووٽ آهي باقي ست ووٽ ٻين جا آهن. هن چيو ته سي سي ۾ هميشه آواز اٿاريندو آهيان پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري آواز دٻايو ويندو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجون ترجيحون ٻڌايو آهن، ڪالهه واري جلسي ۾ منهنجي تڪ جا ماڻهو به آيا ها. هن چيو ته جج صاحب مون کي سنجيدگي سان ٻڌو ۽ مون کي ڳالهائڻ لاءِ به گهڻو وقت ڏنو. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت اڃان تائين ساڍا 9 ارب رپيا ناهن ڏنا، اسان ڪي فور منصوبي جا مختص سمورا فنڊ جاري ڪيا آهن ۽ عدالت ۾ پٽينشر جي داخل ڪيل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ روزاني ساڍا ڇهه سئو ملين گيلن پاڻي ايندو آهي ۽ ڪي فور منصوبي تي 33 ارب رپيا جو خرچ ٿي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے