20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪارڪنن کي روڪڻ وارو سلسلو جاري رهيو ته اسان به ڌرڻا هڻنداسين: قمر الزمان ڪائره

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره حڪومت تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته حڪومت سازشون ڪرڻ کان باز ناهي آئي، اسان جي ڪارڪنن کي روڪڻ وارو سلسلو جاري رهيو ته اسان به ڌرڻا هڻنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ڪالهه واري جلسي ۾ پيپلز پارٽي کي بهترين رسپانس مليو، اسان جي قافلن کي جي ٽي روڊ ۽ روات ٽي چوڪ تي به روڪيو ويو، جلسي جي لاءِ نه سيڪيورٽي ۽ نه ئي ٽريفڪ پلان هو. هن چيو ته جيالن کي جتي روڪيو هنن اتي ئي جلسو شروع ڪري ڇڏيو. حڪومت ڇا ائين اسان کي به ڌرڻن تي مجبور ڪندي؟ هن چيو ته ملڪ ڏکي صورتحال ۾ آهي، چيئرمين جا پيش ڪيل 6 نقطا پيپلز پارٽي جي پاليسي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے